اسلام آباد ۾ ٻه نينگريون ماريندڙ جج جي پٽ کي ٿاڻي ۾ پروٽوڪول، سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)اسلام آباد ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ هٿان ٻن نينگرين کي لينڊڪروزر هيٺيان چيپاٽي مارڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي ٻن ڏينهن کان باهه ٻريل آهي،صحافي نورالامين دانش ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جوابدار لاءِ ٿاڻي ۾ نئون گدو، وهاڻا ۽ انگريزي کاڌن سان تواضع جاري آهي. صاحب جن خالي وقت ۾ موبائيل تي گيم کيڏي   وقت به گذارين ٿا جڏهن ته ٿاڻي ۾ واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڪو عام ماڻهو نوجوان جي ويجهو به نه اچي، جڏهن ته سائلين جي فونن تي سخت نظر رکي پئي وڃي ته ڪٿي ڪا تصوير نه ٺهي وڃي.رهي ڳالهه جاچ جي نالي تي ورتل ريمانڊ جي، ته اوهان پاڻ ئي جاچ جي شفافيت جو اندازو آساني سان لڳائي سگهو ٿا.هڪ فوتي نينگري جي والد چيو ته جسٽس محمد آصف اسان جي گهر تعزيت لاءِ آيو ۽  چيو ته اسان جي پٽ جي غلطي آهي، اسين اها ڳالهه تسليم ڪريون ٿا ۽ جيئن توهان چوندا، اسان اوهان سان گڏ هلنداسين،حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ناري جي ڀيڻ چيو ته منهنجي ڀيڻ جا هٿ به ٽٽي ويا هئا،ڇا عوام ايئن ئي مرڻ لاءِ آهي،16 سالن جي نينگر کي وي ايٽ لينڊڪروزر ڏني وئي،هو هاءِ ڪورٽ جي جج جو پٽ آهي ته ڇا قانون هن لاءِ ننڍو آهي؟هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي،هارون انجم لکيو ته جج جي قاتل پٽ کي بچائڻ جون ڪوششون تيز،حساس ايريا جي سي سي ٽي وي فوٽيج به غائب ڪئي وئي آهي،جسٽس آصف ريڪي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري رهيو آهي،ڇا اهڙا جج منصف سڏرائڻ جا حقدار آهن؟عثمان بٽ لکيو ته ڊرائيونگ لائسنس نه هئڻ تي غريب شهرين کي ايئرپورٽ کان واپس موڪليندڙ گهر وزير ان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ضروري نه سمجهيو،ٻئي پاسي پوليس اهلڪار جوابدار کي ٿاڻي ۾ پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.