اسلام آباد (بيورو) پاڪستاني حڪومت برطانيا کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جي باضابطه درخواست ڪري ڇڏي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات ۾ پاڪ–برطانيا لاڳاپا، سيڪيورٽي سهڪار ۽ ٻه طرفي دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات دوران برطانيا ۾ غيرقانوني رهائش اختيار ڪندڙ پاڪستانين جي واپسي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان ملاقات دوران گهرو وزير محسن نقوي شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جا ڪاغذ برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا، محسن نقوي چيو ته ٻئي ماڻهو پاڪستان ۾ گهربل آهن، انهن کي فوري طور پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي، وفاقي گهرو وزير طرفان پاڪستاني شهري جيڪي پروپيگنڊا ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ثبوت به مهيا ڪيا ويا، هن چيو ته حڪومت اظهارِ راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، پر فيڪ نيوز هر ملڪ لاءِ سنگين مسئلو آهي.