حيدرآباد/اوساڪا (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان جي دعوت تي ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ جاپان جي شھر اوساڪا پھچي ويو، اوساڪا ايئرپورٽ تي سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان جي اڳواڻن اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪري کيس اجرڪون اوڍايون. اڳواڻن سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته جاپان، آمريڪا، برطانيا سميت دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪن، وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق آھي، سنڌ کي ڪرپشن ۽ بدامني جي ڪالوني بڻايو ويو آھي، سنڌ ۾ ڊگرين ۽ نوڪرين سميت ھر شئي جو اگھه مقرر آھي. ٻاھر ويٺل سنڌي ماڻھو سنڌ جي تعليم، صحت، روزگار لاءِ ڪردار ادا ڪن، سنڌ جا ماڻھو امن، برابري، انصاف، تعليم ۽ معاشي انصاف چاھين ٿا، 27ھين آئيني ترميم عدالت ۽ جمھوريت تي راتاهو آھي، سنڌ جي ثقافت امن، محبت ۽ رواداري واري آھي. سنڌ وسيلن سان مالا مال آھي پر ڪرپشن جي ڪري پوئتي آھي.