حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾چيو آهي ته سنڌ جي زرعي معيشت کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ جا آبادگار جڏهن محنت ڪري فصل پوکڻ ٿا تڏهن به انهن کي مناسب اگهه نٿا ملن ڪمد جا آبادگار روڊن تي آهن مناسب اگهن لاءِ لاڙ کان اتر تائين هاري آبادگار احتجاج ڪندا رهيا سارين جو اگهه به مناسب نه مليو، ڪمند جي آبادگارن سان ظلم اهو آهي ته ڪاٺـيون 700 رپيا مڻ ۽ ڪمند 400 رپيا مڻ آهي، معياري فصل جو ٻج آبادگارن لاءِ ناهي جيڪو فصل پوکين ٿا ان جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري سنڌ جي ماڻهن جي گهرن ۾ غربت آهي، ظلم خلاف جيڪڏهن احتجاج لاءِ نڪري ٿو ته آبادگارن خلاف ايف آءِ آرون داخل ڪيون وڃن ٿيون، سنڌ جي ماڻهن کي تباھ ڪرڻ جو پيپلزپارٽي پيڪج کڻي آئي آهي جيڪو 18 سالن کان شگر مل مافيا آبادگارن کي ڦري رهي آهي، ان مافيا کي طاقتور حڪمرانن ڪيو آهي عوام جو ناڻو به حڪمران کائين آبادگارن ۽ هارين جا حق به حڪمران کائين حڪمرانن جي ملڪيتن ۾ هر ڏينهن اضافو ٿئي پيو عوام بدحاليءَ جو شڪار آهي.