خدشا برقرار،نوازشريف ڪنهن مهل به اسٽينڊ وٺي سگهي ٿو؟

اسلام آباد(حماد حسن)نواز شريف ناراض آهي، انهن جا تحفظات آهن، ۽ هو وڌيڪ ”فرمائشون“ ۽ ”ڊڪٽيشن“ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪجهه صحافين ان کي سچ چيو، ڪجهه ان جي ترديد ڪئي، پر ترديد ڪندڙ ڪنهن به قسم جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. نواز شريف چاهين ٿا ته سهيل آفريدي (چونڊيل وڏو وزير) وڃي پنهنجي ليڊر سان ملاقات ڪري، پر کيس ملڻ ئي نٿو ڏنو وڃي.شهباز شريف به اهو ئي چاهي ٿو، پر سندس هٿن ۾ به اهو اختيار ڪونهي ته 20 منٽ جي ملاقات ئي ڪرائي سگهي جڏهن حڪومت وٽ اختيار ئي نه هجن ته پوءِ ناراضگي ٿيندي ئي آهي.نواز شريف چئي چڪو آهي ته هو 27هين ترميم لاءِ ووٽ ڏيڻ تڏهن آيا هئو ته جيئن سسٽم کي هلائي سگهجي، پر اڄ به انهن کي محدود ڪيو پيو وڃي. هن وقت عمران خان جيل ۾ آهي، پر سندس وزيراعلى ۽ سندس ڀينرن کي به ملڻ نٿو ڏنو وڃي  اهو مڪمل غيرمعمولي طرز عمل آهي.نواز شريف  سڄي صورتحال پڙهي رهيو آهي. جيڪڏهن هو سخت پوزيشن اختيار ڪري ٿو ته مقبوليت هن ڏانهن موٽي سگهي ٿي،هن(نوازشريف)جي هڪ تمام ويجهي شخص چيو ته نواز شريف اڃا کليءَ عام ناراضگي ظاهر نه ڪندو، پر ماحول ڏسندوجيڪڏهن عوامي مزاج هن جي ناراضگي سان گڏ ٿي وڃي، ته هو وڏو قدم کڻي سگهن ٿو؟ حڪومت ڇڏڻ تائين به وڃڻ جو امڪان آهي،ٻئي پاسي جيڪي چون ٿا نواز شريف کي تحفظات نه آهن، انهن کان سوال آهي ته  جيڪڏهن تحفظات نه آهن ته نوٽيفڪيشن ڇو هڪ هفتو رڪيل هو؟27هين ترميم ۾ ته سڀ ڪجهه منٽن ۾ ٿي ويو هو.پر ھاڻي ھڪ سادو نوٽيفڪيشن به جاري نه پيو ٿي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.