فيض گنج (رپورٽ: ظھير خاصخيلي) پڪاچانگ ڀرسان ڪچي ڀت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ پٽ فوت، هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿي پيو، ڳوٺ محمد حسن چانگ ۾ گھر جي ڪچي ڀت کي ڊاهي تعمير ڪرڻ دوران اوچتو زبون حال بڻيل ڀت ڊهي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀت ڀرسان ويٺل 3 ڄڻا ملبي هيٺان اچي ويا، ملبو هٽائڻ بعد 13 ورهين جو فرمان چانگ ۽ سندس والد نعيم چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته خالد چانگ شديد زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي پڪا چانگ اسپتال آندو ويو، زخمي خالد چانگ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه سول اسپتال منتقل ڪرايو ويو، ٻي طرف ٻنهي فوتين جا لاش سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.