اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (PBA) ۽ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (CPNE) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي ميڊيا ۽ حڪومت پاران اخبارن ۽ٽي وي چينلز کي ڏنل اشتهارن بابت جملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. مليل ڄاڻ موجب انهن تبصرن ۾ چيو ويو ته اخبارن کي "ڊمي” قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته عوامي فنڊن کي "چندن جي طور تي” ورهايو پيو وڃي، جنهن تي ميڊيا جي حلقن ۾ وڏي مايوسي پيدا ٿي آهي. انهن تنظيمن واضح ڪيو آهي ته حڪومت جو اشتهارن ڏيڻ جو عمل هڪ عالمي طريقو آهي، جنهن جو مقصد عوامي معلومات جي وقت سر پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. اهي اشتهار حڪومت جي منظور ٿيل پاليسين، قانونن ۽ بجٽ تحت جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ ميڊيا صرف عوام تائين معلومات پهچائڻ جو پنهنجو ڪم ڪري ٿو. ميڊيا هميشه پاڪستان جي جمهوريت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا قومي مفادن، قدرتي آفتن ۽ جنگن دوران اهم ڪوريج ڏني آهي. تنظيمون سمجھن ٿيون ته اهڙا غير مناسب بيان عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي سگهن ٿا ۽ ادارن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا جيڪي عوام جي فائدن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي تنظيمون چاهين ٿيون ته ان معاملي کي مناسب فورمن، بشمول سپريم جوڊيشل ڪائونسل، ڏسي ۽ ادارتي هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.APNS، PBA ۽ CPNE ميڊيا جي ذميوار صحافت، اخلاقي نشريات، قانوني پيروي ۽ پاڪستان ۾ جمهوري کي مضبوط ڪرڻ جو عزم پڪو رکندا آهن.