اسلام آباد صوبن کان اختيار کسڻ چاهي ٿو، پنهنجن حقن جو بچاءُ ڪنداسين\بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم ۽ صوبائي حقن جو دفاع اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، ڇو ته انهن ئي اختيارن تحت صوبن ۾ صحت ۽ عوامي ڀلائي جا وڏا منصوبا ممڪن ٿي سگهن ٿا. ڪراچي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي نئين يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام آباد چاهي ٿو ته صوبن جو تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جو اختيار واپس ورتو وڃي ۽ جڏهن توهان ڪنهن کان اختيار واپس وٺندا آهيو ته ان جا اثر ضرور پوندا آهن، 18هين ترميم ئي صحت جو شعبو هلائڻ جو بهترين رستو آهي ۽ اسان پنهنجي حقن جو دفاع ڪنداسين.هن چيو ته فائيو اسٽار هوٽل کي فائيو اسٽار اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ سٺو قدم آهي، سنڌ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال جو نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ پ پ سدائين پٺتي پيل طبقي جي خدمت ڪندي آئي آهي.سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه صوبن جي حقن ۽ وسيلن تي گهڻو بحث هلي رهيو آهي پر صوبن جي حقن تي بحث جو سڀ کان بهترين جواب سنڌ جو هيلٿ سسٽم آهي، 18هين ترميم کانپوءِ اين آءِ سي وي ڊي کي ڏسو، فرق صاف نظر ايندو، ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت جا ادارا بهتر ٿيا. بلاول سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آئي يو ٽي ) ٽرسٽ اسپتال جي شاهراهه فيصل واري نئين شاخ جي قائم ڪيل بلاڪن جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو۔ هي هڪ تاريخي قدم آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي ماڻهن کي گردن جي بيمارين ۽ ٻين پيچيده طبي حالتن جي علاج لاءِ جديد، معياري ۽ مڪمل طور تي مفت سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔ افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ مهمانن شرڪت ڪئي، جن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، SIUT جي روحِ روان ڊاڪٽر اديب رضوي، ناليواري ماهرِ معيشت شبر زيدي، اسپتال جو انتظامي ۽ طبي عملو، معزز شهرين ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل هئا۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي ٻئي جديد يونٽ اڳوڻي ڪمرشل هوٽل جي عمارت کي مڪمل طور تي هڪ فعال ۽ جديد اسپتال ۾ تبديل ڪري قائم ڪيا ويا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ موجود وسيلا ڪيئن مؤثر طريقي سان استعمال ٿي سگهن ٿا. اسپتال انتظاميا واضح ڪيو آهي ته SIUT جي اصولن مطابق هنن يونٽن ۾ علاج جون سڀئي سهولتون مڪمل طور تي مفت مهيا ڪيون وينديون۔ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته هر عام ماڻهو لاءِ صحت جون مفت سموريون سهولتون پهچ ۾ هجن۔ هن SIUT جي خدمتن کي پوري ملڪ لاءِ قابلِ فخر سرمايو قرار ڏيندي ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ انهن جي ٽيم جي بي لوث خدمتن کي ساراهيو۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته هي نئون منصوبو ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ جديد، معياري ۽ مفت علاج جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ گردن جي بيمارين ۾ مبتلا هزارين مريضن کي فائدو پهچندو۔ ڊاڪٽر اديب رضوي هن نئين اضافي تي خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته جديد سهولتن جي شروعات بعد هاڻ روزانو سوين مريضن کي ڊائلاسز ۽ گردن جي علاج جون جديد خدمتون وقت سر ۽ مڪمل مفت فراهم ڪري سگهبيون۔ SIUT اڳ ئي هر سال ڏهه لک کان وڌيڪ مريضن کي مفت علاج مهيا ڪري رهيو آهي ۽ نون بلاڪن سان صحت جي خدمتن جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي ويندو۔ هي افتتاح سنڌ حڪومت جي ان عزم جو هڪ ٻيو مثال آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  جي تحت صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو وڃي ۽ بنا ڪنهن مالي بار جي هر شهري لاءِ بهترين علاج کي يقيني بڻايو وڃي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ خيبر پختونخوا جي حڪومت جي صحت ڪارڊ اسڪيم تي تنقيد ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت صحت جو بجيٽ صحت ڪارڊ ۾ وجهڻ لڳي آهي، منهنجي خيال ۾ ڪي پي حڪومت جو صحت ڪارڊ صحيح ماڊل ناهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ جي هڪ حد مقرر آهي، جيڪڏهن بيماري تي خرچ هن حد کان وڌيڪ ٿي وڃي، ته توهان کي پنهنجن پئسن سان علاج ڪرائڻو پوندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.