اين ايف سي ايوارڊ ۽ پٺتي پيل ضلعا

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

تازو شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ هڪ انڊيڪس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي انهن ضلعن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي 78 سال گذرڻ باوجود به اڃا تائين پسماندہ آهن. اهڙن ضلعن جو انگ لڳ ڀڳ 40 ٻڌايو ويو آهي. رپورٽ موجب انهن ضلعن جي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي کي پڪيون رهائشي گهر مهيا ناهن، جڏهن ته 40 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻي جي سهولت به حاصل ناهي، ساڳيءَ طرح لڳ ڀڳ ڍائي ڪروڙ ماڻهو صحت جي سهولتن کان ۽ 70 لک ماڻهو تعليم جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. اهڙي طرح اڌ کان وڌيڪ گهرن ۾ بيت الخلا جي سهولت به موجود ناهي.

هن انڊيڪس جي جائزي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ پسماندہ ضلعا بلوچستان ۾ آهن، جهڙوڪ: خضدار، ڪوھلو، ژوب، ڊيره بگٽي، مشڪيل، قلعہ سيف الله، وشڪيل، جهل مگسي، آواران، خاران وغيره. جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ مالاڪنڊ، ڊيره اسماعيل خان، بَنّو، پنجاب ۾ ڏکڻ جا شهر ۽ سنڌ ۾ ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو به سڀ کان وڌيڪ پسماندہ ضلعن ۾ شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن ضلعن ۾ غريبي ليڪ کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، ۽ خواندگي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي (انفرا اسٽرڪچر) جي حوالي سان اهي ضلعا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوئتي آهن. پاپوليشن ڪائونسل جو "ڊسٽرڪٽ ولنربلٽي انڊيڪس فار پاڪستان” ملڪ جي صوبن ۽ ضلعن جي ڪمزورين جي هڪ تفصيلي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل تصوير پيش ڪري ٿو. هي انڊيڪس ڏيکاري ٿو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ترقيءَ جو فرق ڪا اوچتي ڳالهه ناهي، بلڪه ڪيترن ڏهاڪن تي پکڙيل انهن پاليسين جو نتيجو آهي، جن ۾ ترقياتي ترجيحون هميشه غير متوازن رهيون ۽ سياسي فيصلا ڪجهه مخصوص علائقن کي فائدو ڏيندا رهيا، جڏهن ته باقي علائقا محروميءَ جو شڪار رهيا.

هي انڊيڪس سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڊيٽا کي گڏ ڪري اها پرک ڪري ٿو ته ملڪ جا ضلعا پاڻ ۾ ڪيترا ڪمزور يا مضبوط آهن. روايتي موسمياتي يا قدرتي آفتن جي جائزي جي ابتڙ، هي رپورٽ صرف وقتي حادثن تي ڌيان نٿي ڏئي، پر انهن بنيادي بناوٽي ۽ نظامي محرومين کي سامهون آڻي ٿي جيڪي ڪنهن علائقي کي ڊگهي عرصي تائين پسماندہ بڻائي رکن ٿيون. رپورٽ 21 اشاريه تي ٻڌل آهي، جن کي ڇهن وڏن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي: رهائش، مواصلات ۽ آمد و رفت، روزگار ۽ آمدني جا ذريعا، صحت جون سهولتون، عوامي تعليم تائين رسائي ۽ آباديءَ وارا عنصر.

پاڪستان ۾ صوبائي سطح تي جيڪا عدم مساوات موجود آهي، اها نه صرف وڏي آهي بلڪه ڏينهن به ڏينهن وڌي رهي آهي. ان جو واضح مثال بلوچستان آهي، جيڪو سماجي، معاشي ۽ انساني ترقيءَ جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان پسماندہ علائقو آهي. انفرا اسٽرڪچر کان وٺي روزگار ۽ مواصلات کان وٺي انساني ترقي، تعليم ۽ صحت تائين تقريباً هر شعبي ۾ بلوچستان پٺتي پيل آهي. رپورٽ موجب، صوبي جي انتظامي ڪمزوري، وڌندڙ بيروزگاري، رهائش جي کوٽ، صحت ۽ تعليم تائين محدود رسائي ۽ روزگار جا گهٽ موقعا، هڪ اهڙي صوبي جي تصوير پيش ڪن ٿا جيڪو قومي ترقيءَ جي وهڪري کان تقريباً ڪٽيل آهي.

ملڪ جي 20 سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ضلعن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهن مان اڌ کان وڌيڪ بلوچستان ۾ آباد آهن. جڏهن ته 20 سڀ کان مضبوط ضلعن ۾ اڪثريت پنجاب جي ضلعن جي آهي، جيتوڻيڪ پنجاب جا ڏکڻ ۽ اولهه وارا علائقا پاڻ به سخت محروميءَ جو شڪار آهن. سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جا ڪجهه ضلعا به نسبتاً بهتر آهن، پر بنيادي فرق بلڪل واضح آهي. ترقيءَ جا فائدا پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ انتهائي غير مساوي نموني سان ورهايا ويا آهن. رپورٽ ٻڌائي ٿي ته 20 مان 17 سڀ کان پسماندہ ضلعا بلوچستان ۾ آهن، جيڪو ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته صوبي جي پسماندگي ڪا عارضي ڳالهه ناهي، بلڪه ڊگهي عرصي جي سرڪاري نظراندازيءَ جو نتيجو آهي. جيتوڻيڪ خيبر پختونخواهه کي به ڪيترا چئلينج آهن، پر اهو بلوچستان جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو ۽ ان جو رڳو هڪ ضلعو ملڪ جي پنج سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ضلعن ۾ شامل آهي.

رپورٽ چٽي ڪري ٿي ته مختلف دورن جي حڪومتن ترقياتي خرچ، منصوبه بندي ۽ وسيلا هميشه انهن علائقن تي وڌيڪ خرچ ڪيا، جيڪي سياسي طور وڌيڪ اهم سمجهيا ويندا هئا. هن حڪمت عملي جي پٺيان بنيادي سبب هڪ انتهائي مرڪزي نظام ۽ مختصر مدي واري چونڊ سياست آهي، جنهن ڪري ڏورانهين، پسماندہ ۽ غير ترقي يافته علائقا بنيادي سهولتن کان به محروم رهيا، پوءِ اها صحت هجي، تعليم هجي يا ماحولياتي خطرن سان وڙهڻ جي صلاحيت هجي.مختصر طور رپورٽ ٻه بنيادي ڳالهيون واضع ڪري ٿي. پهريون: پاڪستان جا مسئلا صرف وسيلن جي کوٽ سبب ناهن، پر اصل مسئلو انهن وسيلن ۽ بنيادي خدمتن جي غير منصفانه ۽ غير متوازن ورڇ آهي.

ٻيو: اهي علائقا جيڪي اڳ ئي پوئتي رهجي ويا آهن، اهي قدرتي آفتن ۽ بحرانن جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا، جنهن ڪري ترقي يافته علائقن سان قدم ملائڻ انهن لاءِ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. هن انڊيڪس جي تجزيي کان پوءِ ضروري آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۾ بنيادي تبديلي آندي وڃي. هاڻي آبادي بدران پسماندگيءَ کي بنياد بڻائي گرانٽ ورهائي وڃي. پسماندہ صوبن کي وڌيڪ گرانٽ ملڻ گهرجي. ان سان گڏ هڪ ٻيو اهم مسئلو اهو آهي ته صوبن کي ملندڙ رقم استعمال ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت پڻ وڌائي وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته صوبن جي چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ بيوروڪريسيءَ جي صلاحيتن کي بهتر بنائڻ لاءِ ورڪشاپس، فوڪسڊ ڊسڪشن گروپس ۽ ڪانفرنسون بار بار منعقد ڪيون وڃن. ان سان گڏ نچلي سطح تائين اختيار منتقل ڪرڻ لاءِ بااختيار بلدياتي نظام به قائم ڪيو وڃي، ته جيئن يونين ڪائونسل کان وٺي صوبي جي سطح تائين عوام کي پنهنجي حڪمرانن سان سڌو رابطو ملي ۽ غربت جي خاتمي ۽ ترقياتي منصوبن جي ڪاميابي ممڪن ٿي سگهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختيار احتسابي ادارو قائم ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي.

اهو خيال غلط آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائي وفاق جو حصو وڌائڻ سان پسماندہ صوبا ترقي ڪري سگهندا. حقيقت اها آهي ته صوبن جو حصو وڌائڻ ۽ اهو سرمايو نچلي سطح تي خرچ ڪرڻ سان ئي اهي ضلعا ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهندا، جنهن سان مجموعي طور سڄو ملڪ ترقي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.