پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن بابت قومي ڪميشن جو بل منظور،گوڙ

اسلام آباد(بيورو)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان قومي ڪميشن براءِ اقليت حقوق بل 2025 ڪثرت راءِ سان منظور ٿي ويو. 160 ميمبرن حمايت ۽ 79 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن ته شديد نعري بازي کان پوءِ اپوزيشن ميمبر ايوان ڇڏي ويا.پيپلز پارٽي بل جي حمايت ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل بل جي مخالفت ڪندي ايوان مان نڪري ويو. سينيٽر عبدالقادر ۽ ايمل ولي خان پڻ بل جي مخالفت ڪئي.اپوزيشن جماعتن سخت نعري بازي ڪئي ۽ ”ناموس رسالت زندہ باد“، ”الله اڪبر“ جا نعرا هنيا. اپوزيشن جي شور سبب اسپيڪر ۽ قانون وارو وزير هيڊفون لڳائي ويٺا.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي اقليتن جي حقن بابت بل آهي، قيدي نمبر 804 جو ڪجهه به نه ٿيندو. اقليتن جي تعريف بابت وضاحت شامل ڪئي وئي آهي. گڏيل اجلاس غيرمعينه مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اقليتن جي حقن بابت  قومي ڪميشن بل بحث لاءِ پيش ڪيو.هن چيو ته هي غير مسلم شهرين لاءِ ڪميشن آهي. سپريم ڪورٽ 2014 ۾ حڪم ڏنو هو ته اهڙي ڪميشن ٺاهي وڃي، تنهنڪري هن قانون کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اهڙو قانون ڇو آڻيون جنهن جو ڪو غلط فائدو وٺي سگهي،اعظم نذير جواب ڏنو ته هي قانون اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ آهي. 10 سال اڳ سپريم ڪورٽ به اهو حڪم ڏنو هو،پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته اڄ اوهانکي 7 قانون پاس ڪرڻا آهن. اقليت اسان جا ڀائر آهن، پر اسلام خلاف ڪا قانون سازي نه ٿي سگهي،اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن نعري بازي شروع ڪري ڏني.اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته قرآن ۽ سنت جي خلاف ڪا به قانون سازي نه ٿي سگهي. جي يو آءِ کي به ان سلسلي ۾ يقين ڏياريو ويو آهي. شق 35 حذف ڪرڻ تي به اسان کي اعتراض ناهي.،هن چيوته اسان جي خمير ۾ ئي ناهي ته ڪنهن به صورت ۾ اهڙي قانون سازئي جنهن سان قادياني فتني کي کي ڪا هٿي ملي. آئيني طور قادياني غير مسلم آهن.،جي يو آءِ جي ڪامران مرتضىٰ چيو ته اسان اقليتن کي برابر جو شهري سمجهون ٿا، پر قانون جي ٻن شقن تي سخت اعتراض آهي. جيڪڏهن هي بل پاس ٿيو ته قادياني مخالف قانون غير مؤثر ٿي ويندو، تنهنڪري شق ختم ڪرڻ ضروري آهي.“علامه راجا ناصر عباس چيو ته ملڪ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڏو مسئلو آهي. اپوزيشن اڳواڻ به موجود ناهي. قانون سازي جلد بازي ۾ ٿي رهي آهي،مولانا فضل الرحمان چيوته هي ٻيهر پٽارو کولڻ جهڙي ڳالهه آهي،سينيٽر نور الحق قادري چيوته پگهڙيون ۽ ڏاڙهيون رکندڙن کي اقليتن سان ڪو تڪرار ناهي، هندو،سک ۽ عيسائي سان ڪو اختلاف ناهي پر قادياني مسئلي تي شديد ڳڻتي آهي. هي بل تابوت ۾ آخري ڪيل ثابت ٿيندو.“پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل چيو ته قاديانيُن کي ڪافر قرار ڏيڻ وارو فيصلو هڪ اهڙي وزيراعظم ڪيو جنهن جي ڏاڙهي نه هئي. قيامت واري ڏينهن ان بابت سوال ٿيندو. امت محمدي جو مسئلو آهي، وزير قانون ڪو اهڙو دروازو نه کوليو وڃي. اسان اهڙو قانون پاس ٿيڻ نه ڏينداسين.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.