حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ نوجوان فوت، بل ادائيگي نه ٿيڻ تي لاش ڏيڻ کان انڪار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي اسرا يونيورسٽي جي اسپتال ۾ ان وقت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. جنهن وقت اسپتال ۾ داخل ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي رهواسي نوجوان علي مراد لاشاريڊينگي سبب لاڏاڻو ڪري ويو، نوجوان جي علاج واري بل جي معاملي تان اسپتال انتظاميا فوتي جو لاش وارثن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، لاش نه ڏيڻ تان احتجاج ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا وارثن کي به يرغمال بڻائي ورتو، جنهن تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ اتي پهتل فوتي جي دوستن اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته گارڊن پاران فائرنگ ڪئي وئي. اهڙي اطلاع تي پوليس پڻ پهچي وئي. فوتي جي وارث عبدالجبار لاشاري جو چوڻ هو ته اسپتال انتظاميا ظلم ڪري رهي آهي، هڪ ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسان جو نوجوان فوت ٿي ويو آهي، ٻيو وري اسپتال انتظاميا لکين روپيا بقايا ڄاڻائي نوجوان جو لاش ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪرڻ تي اسان کي به يرغمال بڻايو ويو، معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. اسپتال انتظاميا سمورن گيٽن کي تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه پئي ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.