دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هاڻ ميگا / وڏن منصوبن کي قومي ترقيءَ جي جديد نشاني ۽ سڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. يورپ جون تيز رفتار ريلون، سعودي عرب جو مستقبل ڏانھن وٺي ويندڙ شهر نيوم، ايٿوپيا جو گرئنڊ رينيسانس ڊيم، چين جون نيون شهري رٿائون، آفريقا جون هاءِ ويز، ۽ پاڪستان جو سي پيڪ چين، پاڪستان اقتصادي رھداري، هر ملڪ چاهي ٿو ته دنيا کيس انهن وڏن منصوبن جي ذريعي ڏسي ۽ سمجھي ته ھو مضبوط قوم جي حيثيت ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، اُڀري رهيو آهي ۽ مستقبل سان ھم آھنگ آهي. پر انهن سڀني روشن ڪهاڻين جي پٺيان ھڪ گهري خاموش حقيقت به موجود آهي.
ميگا پراجيڪٽ رڳو زمين، معيشت ۽ ماحول نه ٿا بدلائين، اهي طاقت جي ميدانن کي نئين سر ترتيب ڏين ٿا ۽ ان نواڻ جا پهريان ۽ صفا تڪڙا فائدا شايد اُن عوام تائين نه پهچندا آهن جن جي نالي تي اهي ڪروڙين ۽ اربين رپين جا منصوبا ٺهن ٿا، پر انهن بااثر ۽ طاقتور حلقن تائين پهچن ٿا، جيڪي فيصلا ڪن ٿا، جيڪي رستا طئي ڪن ٿا، جيڪي کنڊرن کي ”ترقي“ ۾ بدلائڻ جو اختيار رکن ٿا يا ان کي ابتو ڪن ٿا!
ميگا منصوبن جي جُڙت پاڻ ۾ اهڙي آهي جو انهن ۾ بي انتها پئسو، بي شمار ادارا، پيچيده قانوني ۽ فني فيصلا، ۽ ڏهاڪن تي پکڙيل عرصو/ ٽائيم لائنون گھربل هونديون آهن. تنهن ڪري اهي سياست ۽ بازار/منڊي/مارڪیٽ لاءِ هڪ وڏو چقمق بڻجي وڃن ٿا. سياستدانن/ حڪمرانن لاءِ هي منصوبا رڳو رستا ۽ عمارتون نه هوندا آهن، اهي سندن نالي، اقتدار ۽ ورثي جو حصو بڻجي وڃن ٿا. هڪ نئون ايئرپورٽ، هڪ وڏو ڊيم، هڪ جديد ميٽرو يا ريلوي لائين، اهي رڳو اڏاوتي وکر نه آهن، پر سياسي شان ۽ ”ملڪي سڃاڻپ“ جو حصو بڻجن ٿيون.
برطانيا جو الزبيٿ ڪراس-ريل منصوبو، جيڪو سالن جي دير کان پوءِ مڪمل ٿيو ۽ اربين پائونڊ وڌي ويو، پر منافعو ڪنهن جو؟ وڏا ڪنسلٽنٽ ادارا، انجنيئرنگ ڪمپنيون ۽ سياسي سرپرست پنهنجن فائدن سان اڳتي وڌندا رهيا. آمريڪا جي ڪيليفورنيا هاءِ اسپيڊ ريل، جنهن کي ”امريڪي خواب جو نئون دور“ چيو ويو، قانوني چيلينجن، زمينن جي تڪرارن ۽ وڌندڙ بجيٽن ۾ ڦاٿل آهي، پر وڏيون فرمون پنهنجي آمدني مان محروم نه ٿيون. جاپان جي ميگليو لائين، جيڪا تيز ترين ٽيڪنالاجيءَ جي علامت آهي، پنهنجي قيمت ۾ ايتري وڌي چڪي آهي جو عام مسافر اڃا تائين ان کي خواب ۾ ڏسي ٿو، پر منصوبو اڳتي وڌي رهيو آهي، ڇو ته ان سان طاقتور حلقن جا مفاد جُميل آهن.
ايشيا ۾ چين جا وڏا منصوبا، جهڙوڪ ڏکڻ چين مان پاڻي هزارين ڪلوميٽر سفر ڪرائي اتر چين ڏانھن کڻي وڃڻ جو منصوبو، ملڪ جي ترقيءَ جو حقيقي ذريعو قرار ڏنا وڃن ٿا، پر انهن مان هر هڪ منصوبو قدرتي ماحول ۽ مقامي ماڻھن/ ڪميونٽيز جي زندگيءَ ۾ اهڙا سوال ڇڏي ٿو جن جا جواب نسلن جا نسل ڳوليندا رھندا. ھندستان جون اسمارٽ سٽي رٿائون ”ڊيجيٽل انڊيا“ جي علامت ته بڻيون، پر ڌرتيءَ تي انهن سان زميني تڪرار، بيرحميءَ واري زمين جي خريداري ۽ شهري-غير شهري فرق وڌيڪ وڌايا.
ايٿوپيا جو گرئنڊ رينيسانس ڊيم قومي وقار جو جهنڊو ته بڻجي چڪو آهي، پر مصر ۽ سوڊان سان پاڻي جي مھاڏي جي باهه به ڀڙڪائي آهي. ڪينيا جي مومباسا–نائي روبي ريلوي سفر کي ته آساني ڏني، پر قرض ڪڏهن لهندو؟ ان جو جواب اڃا تائين ملڪ کي ڳولڻو آهي. نائجيريا جا آئل انفراسٽرڪچر/ تيل لاڳاپيل اڏاوتي منصوبا ملڪي ۽ غير ملڪي طاقتور ڌرين لاءِ سون جي کاڻون بڻيا آهن، پر مقامي ماڻهون پنهنجي زمين ۽ ماحول وڃائي رهيا آهن.
دنيا جي تجربن مان هڪ ڳالهه بلڪل صاف ظاهر ٿئي ٿي: ميگا پراجيڪـٽ عوام لاءِ ڏور گس تي بيٺل اميد ۽ طاقتور طبقي لاءِ تڪڙو منافعو پيدا ڪن ٿا. ٺيڪن جي ورڇ، عالمي سرمائي جا رستا، منصوبن جا ”رُوٽ“، مالي فيصلا، زمينن جي قيمتن ۾ اوچتو تبديليون، ڪنسلٽنٽ فِيس، ۽ ادارن ۾ اثر رسوخ، اهي سڀ اُھي گھَٽ گهيڙ ۽ دروازا آهن جيڪي پهرين طاقتور ماڻهن لاءِ کُلن ٿا. عوام لاءِ منصوبي جو ”فائدو“ سالن بعد اچي سگهي ٿو، پر طاقت ۽ اثر رکندڙ حلقن لاءِ فائدو رٿا جي پهرين صفحي سان گڏ اچي ٿو.
نرم، متوازن ۽ حقيقت پسند فهم سان پاڪستان جو سي پيڪ به انهيءَ عالمي ڪهاڻيءَ جو حصو آهي. سي پيڪ ملڪي شاهراهن، توانائي ۽ رستن ۾ اها بهتري آندي آهي، جيڪا عام ماڻهن لاءِ محسوس ٿيندڙ آهي. ملتان–سکر موٽر وي، قراقرم هاءِ وي جو نئون روپ، اڄ به عوامي گفتگو جو حصو آهن. پر جيئن هر ميگا پراجيڪٽ ۾ ٿيندو آهي، هتي به شروع ۾ ئي ڪجهه حلقن، ڪنسلٽنٽن، ٺيڪيدارن ۽ لاجسٽڪ ڪمپنين لاءِ موقعا وڌيا ۽ اهو ميگا پراجيڪـٽ جي عالمي فطرت آهي.
ماحولياتي اثر هر خطي ۾، ھر وڏي پراجيڪٽ سان گڏ سلھاڙجي ھلن ٿا. ڏکڻ جرمني جا وِنڊ فارم هجن يا آمريڪا جا هاءِ ويز، برازيل جا ڊيم هجن يا خليج جا مستقبل نما شهر، ماحول، پاڻي، مٽي، فطري نظام ۽ مقامي آبادي هميشه انهن جي قيمت ادا ڪندي آهي. نيوم جو خواب جديديت جو عاليشان نقشو ڏئي ٿو، پر ان جي اوٽ ۾ ماحولياتي سوالن جا انبار رکيل آهن.
اڄ سڄي دنيا ۾ هڪ اهم بحث هلي رهيو آهي: ڇا ترقيءَ جو مطلب وڏا منصوبا ئي آهن؟ يا ترقي اها پڻ ٿي سگهي ٿي ته ماڻهو پنهنجي پاڙي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر ۾ ننڍا پر مضبوط نظام ٺاهين؟ آفريقا جا ننڍا سولر گرڊ، يورپ جون ڪميونٽي/ برادري انرجِي ڪوآپريٽو، ڏکڻ ايشيا جا مقامي طور مينهن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ / واٽر هاروسٽنگ سسٽم، اهي سڀ مضبوط ڏَس آهن ته ترقيءَ جا ٻيا به رستا آهن، جيڪي گهٽ قيمت، گهٽ خطري ۽ وڌيڪ فائدي سان ڪم ڪري سگهن ٿا.
پر ان سان گڏ اها به سچائي آهي ته وڏا منصوبا ڪڏهن ڪڏهن ملڪ جو نقشو بدلائي ڇڏيندا آهن. چين جي هاءِ اسپيڊ ريل، پاناما ڪينال جي توسيع، يا سويڊن–ڊنمارڪ جو اورِي سَنڊ برج/پل ـــ اهي اھم مثال آھن جن انھن ملڪن ۽ خطن کي بدلائي ڇڏيو. پر وڏن منصوبن جي ھڪ حقيقت ساڳي ئي رهندي، ميگا پراجيڪٽ طاقت ۽ فائدي جي توازن کي مٽائين ٿا. ڪجهه ماڻهو گهڻو اڳتي نڪري وڃن ٿا، جڏهن ته عام ماڻهو وڏا پنڌ ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي ڀلائي وارو حصو چڱي ريت حاصل نه ٿا ڪري سگھن. مستقبل جي رٿابنديءَ لاءِ اهو فرق سمجهڻ انتهائي ضروري آهي. دنيا وڏا منصوبا جوڙڻ نه ڇڏيندي. پر ڪنهن ملڪ جي ترقيءَ جو حقيقي معيار اوچي عمارتن، ڊگهي شاهراهن يا اربين ڊالرن جي منصوبن ۾ نه آهي. اصل ترقي اُن نظام ۾ آهي جنهن سان عام ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ محفوظ، وڌيڪ بااختيار ۽ وڌيڪ خوشحال محسوس ڪن.
باقي سڀ ڪجهه صرف ڏيکاءُ آھي، اسان جي مٺڙي جيجل جي لفظن ۾ ”ڪوڙ وي لوڪو ڪوڙ“!