ڪراچي جي سياسي اڪيلائي!

تحرير: مظهر عباس

قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين شايد ئي ڪو اهڙو سياسي رجحان هجي جنهن کي هن شهر، ڪراچي، ووٽ نه ڏنو هجي يا سپورٽ نه ڪئي هجي۔ البتّه انهن ستن ڏهاڪن ۾ ڪراچيءَ جي سڃاڻپ ”اپوزيشن“ جي شهر طور رهي آهي، ۽ شايد ان ئي جي سزا هن شهر کي حڪمران طبقي ۽ طاقتور اشرافيه کان ڀوڳڻي پئي۔ ملڪ جي هن معاشي حب سڀني کي فيضاب ڪيو، پر جواب ۾ ڪنهن به هن کي پنهنجو شهر نه سمجهيو. اڄ اهو ”عروس البلاد“ سياسي اڪيلائي جي ڌٻڻ ۾ ٻڏي رهيو آهي، سڀئي تجربا ناڪام ٿي چڪا آهن، چاهي هي شهر مذهبي جماعتن کي ووٽ ڏئي، لسانيت کي ووٽ ڏئي يا قومي جماعتن کي، نتيجو ساڳيو ئي اچي ٿو.

بادي النظر ۾ لڳي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ سياست کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪرڻ جو عمل مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي اندر سياسي ورهاست ختم ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي، جنهن جون نشانيون اڄ جي ڪراچي ۾ صاف ڏسجن ٿيون. ان ئي ڪري هاڻي هتان ڪنهن وڏي اپوزيشن تحريڪ جو شروع ٿيڻ تقريبا ناممڪن نظر اچي ٿو.

1978ع ۾ ٺهيل متحده قومي موومينٽ جي ڪهاڻي به ساڳئي سياسي تناظر ۾ آهي ۽ اڄ به اها وڌيڪ ورهاست ڏانهن وڌي رهي آهي، لسانيت جي بنياد تي ٺهندڙ هي جماعت ۽ ان جي سياست جو هڪ ڊگهو پس منظر آهي، جنهن جون جڙون ايوب خان جي دور تائين وڃن ٿيون. جڏهن شهر ۽ ملڪ جي اپوزيشن جماعتن محترمه فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو هو ۽ ڪراچي اُن تحريڪ جو وڏو مرڪز رهيو، پر ايوب خلاف اُٿيل تحريڪ جو محور ڪا سياسي جماعت نه هئي، پر کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم، اين ايس ايف هئي.

کاٻي ڌر کي چٿڻ جو عمل ته 1953 کان ئي شروع ٿي چڪو هو، ۽ اشرافيه ساڄي ڌر ۽ مذهبي جماعتن جي مڪمل سرپرستي ڪري رهي هئي، پر ايوب جي چونڊن کاٻي ڌر کي پڻ سندس خلاف بيهاري ڇڏيو هو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست جي پهرين نرسري ته ايوب خان ۽ اسڪندر مرزا هئا، پر ايوب کان الڳ ٿيڻ بعد ڀٽو سڀ کان وڌيڪ موثر آواز بڻجي سامهون آيو ۽ ڪراچيءَ هنن جو ڀرپور ساٿ ڏنو، البتّه سنڌ جي شهري علائقن ۾ ساڄي ڌر جا رجحان هميشه کان موجود هئا، جنهن جو وڏو فائدو مذهبي جماعتن، خاص طور جماعت اسلامي، کي ٿيو، جنهن جون پاڙون خاص طور شاگردن ۾ ڏاڍيون مضبوط هيون.

ڀٽو صاحب جي دور ۾ ”ڪوٽا سسٽم“ ۽ ”سنڌ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ“واري بلن تي وڏا سياسي ۽ لسانياتي تڪرار بڻيا، جماعت اسلامي ۽ جي يو پي انهن کي ”مهاجر ڪارڊ“ طور استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهري سنڌ ۾ لساني فساد ڦٽي پيا. گويا 60٪ ٻهراڙي ۽ 40٪ شهري ڪوٽا تي داخلا ۽ نوڪرين جو معاملو حل ته ٿي ويو، پر دلين جون دوريون وڌنديون ويون. 1977 جي تحريڪ ۾ شهري سنڌ جو ووٽ پ پ جي خلاف ويو ۽ ان جو فائدو جماعت ۽ پي اين اي اتحاد کي مليو.

هڪ ڏينهن هن تي تفصيل سان لکندس ته ڇا واقعي ڪوٽا سسٽم سنڌ کي، خاص طور اسان جي سنڌي ڀائرن کي، ڪو فائدو ڏنو؟ جنهن جو مقصد انهن علائقن جي نوجوانن کي موقعو ڏيڻ هو جتي اسڪول ۽ ڪاليج گهٽ معيار جا هئا۔ پر هاڻي 50 سال گذري چڪا آهن ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ تعليم جي حالت اڃا به ساڳي خراب آهي، جنهن جون ذميوار پ پ سميت بعد واريون فوجي ۽ سول حڪومتون به آهن.

هن ڳالهه جو جائزو وٺڻ لازمي آهي ته آخر ڇو ڀٽو صاحب ڪوٽا سسٽم صرف 10 سالن تائين رکڻ چاهيو ۽ ان دوران تعليمي معيار بهتر ڪرڻ چاهيو؟ پر پوءِ ايندڙ حڪومتن ان کي سياست جو آوزار بڻايو، ڪن حمايت ۾، ڪن مخالفت ۾، اسان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ دوست اڄ به هن موضوع تي ڳالهائيندا آهيون، پر صحتمند ماحول ۾.

سياسي طور اهو مسئلو مهاجر قومي موومينٽ جو بنياد بڻيو، ۽ ٻئي طرف ڪجهه طاقتور حلقن پ پ ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي اختلافن کي استعمال ڪيو، اهو صوبو جيڪو هڪ وقت امن جو گهوارو هو، صرف 40 سالن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کان حياتيون کسيون، صرف لساني فسادن ۾ نه، پر ”ٻاهران آندل“ دهشتگردي ۽ هٿيارن سبب پڻ.

سندن سياسي نقشو محدود ٿيندو ويو، صوبائي گورننس ختم ٿي وئي، دارالحڪومت ڪراچي مذهبي جماعتن جي هٿن مان نڪري مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو ۽ اهي طاقتور ڌرون جيڪي هن ورهاست مان سياسي فائدو وٺي رهيون هيون، پنهنجو مقصد حاصل ڪري ويون پر ڪهڙي قيمت تي؟ نقصان سڀني کي ٿيو، ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ ٻنهي کي، هڪ پاسي ”ميرٽ جو قتل“ ٿيو، ٻئي پاسي دوريون وڌي ويون، ٽئين پاسي گورننس تباهه ٿي وئي.

اهو ناهي ته فاصلا گهٽ ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي، ڪڏهن الطاف حسين ۽ جي ايم سيد جو ويجهو اچڻ، ڪڏهن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو اتحاد، پر هر دفعي انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو۔ بي نظير ڀٽو جي شهادت بعد ٻنهي طرفن اهو احساس موجود هو. مون 2019 ۾ ”هڪ هئي ايم ڪيو ايم“ نالي ڪالم به هن پس منظر ۾ لکيو هو۔ اڄ ايم ڪيو ايم ورهايل به آهي ۽ ڪمزور به، پر شهري علائقن جا مسئلا اڄ به ساڳيا آهن.

سياسي طور ”اپوزيشن جو شهر“ سڏجندڙ ڪراچي اڄ به پ پ يا ايم ڪيو ايم بدران پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏئي ٿو، چاهي 8 فيبروري هجي يا 2018 پر مسئلا اڃا به حل ناهن ٿيا، ممڪن آهي ته منهنجو هي تجزيو غلط هجي، پر جيڪي چار ڏهاڪا مون ڏٺا آهن، انهن ٻڌايو آهي ته هن شهر کي هاڻي ڪنهن هڪ جماعت جو ٿيڻ ئي نه ڏنو ويندو۔ هن جي مينڊيٽ جو فيصلو ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيندو، سياست به ڪٿي ٻئي هنڌ تي طئي ٿيندي، ۽ هن جي ’سياسي اڪيلائي‘ قائم رهندي.

ظاهر آهي ته هن شهر ۽ هن جي ماڻهن ۾ هاڻي اها طاقت ناهي بچي جيڪا اڳ مزاحمت ۽ تحريڪ پيدا ڪري سگهي، پر سوال اهو آهي. جيڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي هن کي وري ”اُهو ئي پراڻو ڪراچي“ بڻائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، دوريون گهٽائڻ ۽ سياسي فاصلا ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نه ٿيا،

ته ڇا اهو خواب ڪڏهن پورو ٿي سگهي ٿو؟

ڪوئي اور  تون نهين هي، پس خنجر آزمائي

همين قتل هو رهي هين، همين قتل ڪر رهي هين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.