پنهنجي معيشت کي حقيقت پسندي سان ڏسڻ گهرجي

تحرير: وجاهت مسعود

1977ع جو سال تلاطم خيز واقعن سان شروع ٿيو، 7 جنوري تي ڀٽو صاحب قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ختم ڪري ڪري مارچ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو، آئيني طور حڪومت وٽ چونڊن لاءِ اڃا لڳ ڀڳ ڏيڍ سال جي مهلت موجود هئي، پر ڀٽو صاحب کي اقتدار تي پنهنجي گرفت جو پورو يقين هو، سندن خفيه ادارا سازشن جا ڄار وڇائي رهيا هئا، ان جو ناقابل ترديد ثبوت اهو آهي ته جون 1977 تائين جيڪي ”جوان حيدرآباد ٽربيونل ختم ڪرڻ تي تيار نه هئا“ اهي 1 جنوري 1978 تي بنا ڪنهن اعتراض جي حيدرآباد سازش ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪيئن راضي ٿي ويا؟ وزيراعظم ۽ چار ئي وزراءِ اعلى مقابلي چونڊجي، چونڊن جي شفافيت کي غير ضروري طور تي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو.

لکڻ وارو چڱيءَ طرح ياد ڪري ٿو ته اپوزيشن جي چونڊ مهم جو هڪ بنيادي نعره اهو هو ته مهانگائي کي واپس 1970 واري سطح تي آندو ويندو، ياد رهي ته 1977 ۾ پاڪستان جي معيشت جو جملي ڪاٿو 15 ارب ڊالر هو ۽ في ڪَس آمدني 124 ڊالر هئي، يعني 1954 ۾ 97 ڊالر في ڪَس آمدني ۾صرف 27 ڊالر جو اضافو ٿي سگهيو، ان گهٽ ۾ گهٽ ويهن ورهين تائين قومي برآمدات جو 70 سيڪڙو اوڀر پاڪستان مان ايندو هو.

1977 جي چونڊ مهم ۾ عوام جو اهو يقين ڪرڻ ته ضرورت جي شين جون قيمتون ست سال پٺتي موٽائي سگهجن ٿيون، معيشتي اصولن کان مڪمل ناآگاهي جو نتيجو هو، منهنجي صحافتي زندگيءَ جو مشاهدو اهو آهي ته اسان جو عام ماڻهو نه معيشيت جي بنيادين کي سمجهي ٿو ۽ نه پرڏيهي پاليسي کي، معيشيت لاءِ فقط مهانگائيءَ تي رڙ ٿو ڪري ۽ پرڏيهي پاليسي کي شخصي لاڳاپن جي نظر سان ڏسي ٿو۔ ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته نه معيشيت اڳتي وڌي ٿي ۽ نه پرڏيهي پاليسي اميدن مطابق نتيجا ڏئي ٿي.

اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستاني معيشت درست سمت ۾ هلڻ لڳي آهي۔ حقيقت اها آهي ته هن وقت قومي معيشت جو ڪاٿو 420 ارب ڊالر آهي۔ 2017 ۾ اسان جي معيشت 340 ارب ڊالر تائين پهچي چڪي هئي۔ اسان 80 ارب ڊالر جو اضافو ڪرڻ ۾ اٺ سال لڳايا آهن. هن عرصي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها ٿي آهي ته قرضن جي ادائگي تي قومي بجيٽ جو 47 سيڪڙو خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي دفاعي بجيٽ کان ٽيڻ کان به وڌيڪ آهي.

نَوَي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن معيشت تي نظر رکڻ وارا دفاعي بجيٽ ۾ احتياط جي ڳالهه ڪندا هئا ته انهن کي ”غدار وطن“ سڏيو ويندو هو۔ ان وقت به اندازو هو ته معيشت پيداوار جي بنيادن تي قائم ناهي ۽ جلد ئي اسان کي انتهائي مٿانهين شرح جي وياج تي قرض وٺڻو پوندو۔ سياسي عدم استحڪام سبب پرڏيهي سيڙپڪاري جو امڪان گهڻو گهٽجي ويندو. هن سال جي ٽين ٽه ماهي ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري گهٽ ٿي آهي.

اهو درست آهي ته مئي 2023 ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو جي خوفناڪ شرح تي هئي جيڪا هاڻي 6.20 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي، پر هي گهٽتائي عام شهرين جي قوتِ خريد ۾ منتقل نٿي ٿئي۔ ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان جي معاشي ترقي پرڏيهي سيڙپڪاري سان جُڙيل آهي، ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ٽيڪنالاجي جي منتقلي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ GDP وڌائڻ لاءِ اندروني سياسي استحڪام ضروري آهي.

اسان مٿي جنهن معاشي جمود جو ذڪر ڪيو، ان جو وڏو سبب سياسي عمل ۾ غير شفافيت آهي، حقيقت اها آهي ته اڄ به اسان آئيني گهرجن موجب شفاف سياسي عمل مان نه پيو ٿئي. اسان جي سياسي حالت جمهوريت مستحڪم ناهي، بلڪه هڪ عبوري انتظام آهي.

ان سلسلي ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عالمي معيشت اسان جو انتظار نٿي ڪري ته اسان اٿي بيهون ۽ جديد معاشي وهڪري ۾ شامل ٿيون۔ گذريل ڏهاڪي ۾ اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت 4.2 کرب ڊالر جي معيشت سان دنيا جي چوٿين وڏي معاشي طاقت بڻجي چڪو آهي۔ اسان جي قومي بجيٽ 62 ارب ڊالر آهي جنهن مان 9 ارب ڊالر دفاع تي خرچ ٿين ٿا، جڏهن ته ڀارت جو دفاعي بجيٽ 82 ارب ڊالر آهي.

اهو درست آهي ته هن سال مئي ۾ اسان جي فوج ملڪي دفاع ۾ قابل تعريف ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پر اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضي ۾ به اسان جي فوج پنهنجي کان ڇهوڻ وڏين فوجن سان مقابلو ڪري چڪي آهي۔ اسان جو اصل مسئلو دفاعي صلاحيت ناهي، پر اها حقيقت آهي ته اسان جي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌي چڪي آهي، شرحِ خواندگي فقط 60 سيڪڙو آهي ۽ في ڪَس آمدني بمشڪل 1700 ڊالر آهي.

گذريل اڌ صدي ۾ اسان مغربي محاذ تي جيڪا پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي، ان جي ناڪامي هاڻي بلڪل واضح آهي، هڪ ڏينهن به اڃا تائين اهڙو نٿو گذري جنهن ۾ مغربي سرحد تي دهشتگردي جو خطرو موجود نه هجي.

غير شفاف رياستن جيان اسان جو هڪ صحافي جيڪو ڪالهه تائين افغان جهاد جا ترانا ڳائيندو هو، اڄ ”ڀارتي سرپرستي“ جا اصلاح استعمال ڪري ٿو.

ساڳيو ڀارت جي افغانستان ۾ پاڪستان مخالف عنصرن جي امداد ۽ سيڙپڪاري اڄ کان نه، پر 25 سال کان هلندڙ آهي، جڏهن اسان ”سٺن ۽ بُرن طالبان“ جو راڳ ڳائيندا رهياسين، ڪڏهن بليڪ واٽر کي جواز ڏيندا رهياسين، ته ڪڏهن افغان حڪومت تي الزام هڻون پيا. اسان اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهياسين ته طالبان جو تصورِ عالِم ۽ طريقه سياست قومي رياست پاڪستان سان لازمي طور ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو.

افغانستان ۾ جديد سياسي عمل جي ڪا روايت ناهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ بدترين حالتن ۾ به ڪجهه سياسي راويو موجود رهي ٿو. خليج جي بدلجندڙ تصوير کي ڏسو ۽ تسليم ڪريو ته ايندڙ سالن ۾ سرد جنگ واري پراڻي مذهبي تعلق جي ڪا اهميت نه هوندي. اسان کي پنهنجي معيشيت تي حقيقت پسنداڻي توجهه ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.