اسان جي ملڪ جي بد نصيبي اھا آھي ته اسان وٽ ملڪ ۾ جمھوري قوتن کي ڪم ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو آھي نه ئي ڪڏھن ڪا حقيقي جمھوريت آئي آھي. سڀ کان پھريان ملڪ مٿان اسڪندر مرزا کي ويھاري ملڪ کي آمريڪا جي جھوليءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ھڪ ميجر ايوب خان کي جنرل ڪري ملڪ مٿان مارشل لا مڙھي ويئي. جڏھن ايوب خان خلاف فاطمه جناح اٿي عوامي پريشر ۾ اچي ڪري نام نھاد اليڪشن جو ڍونگ رچايو ويو ته فاطمه جناح اليڪشن کٽي وئي پر انھيءَ کي ئي فارم 47 ذريعي ھارايو ويو ۽ ان مٿان اهڙا غليظ الزام مڙھيا ويا جن الزامن کي لکڻ ۾ به شرم ٿو محسوس ٿئي، نيٺ ان عورت جو لاش به ڪنھن گھر مان مليو ڪيس ڪنھن تي داخل ٿيو يا نه ٿيو ھن محل تائين ڪوبه پتو پئجي نه سگھيو.
وري جڏھن 71ع ۾ اليڪشن ٿئي ٿي ته شيخ مجيب الرحمان وڏي مارجن سان اليڪشن کٽي ته اجلاس ئي نه گھرايو ويو. نيٺ شيخ مجيب الرحمان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيا ته پوءِ مجبورن اليڪشن ڪميشن رات جو اوچتو اعلان ڪيو ته سڀاڻي چونڊيل نمائندن کي اطلاع ٿو ڏجي ته پارليامنٽ جو اجلاس آھي ۽ بعد ۾ اعلان ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم آھي. جڏھن ته ڀٽو کي 60 يا 62 سيٽون ھيون، انھيءَ جي مقابلي ۾ عوامي ليگ کي واضح اڪثيريت ھئي 160سيٽون ھيون باقي سيٽن ۾ نيپ وٽ جماعت اسلامي ۽ مولوين کان وڌيڪ سيٽون ھيون سڌو سنئون عوامي ليگ جي حڪومت ٺھي پئي ان کي ٺاھڻ نه ڏني ويئي ۽ بنگالين جو قتل عام ٿيو انھيءَ جو نتيجو ملڪ ٻن ٽڪڙن ۾ تبديل ٿي ويو.
وڏي ڳالھه ته اھا به ھئي جو يحيٰ خان جي دور ۾ ملڪ مٿان ون يونٽ مڙھيل ھيو ۽ سنڌ جي شاگردن باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد جي قيادت ۾ 4 مارچ جي تحريڪ جا بنياد وڌا ۽ انھيءَ تحريڪ جي ڪري ون يونٽ ٽٽو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته فاطمه جناح کي به ساٿ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد جو ھيو شيخ مجيب الرحمان کي به ساٿ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد سائين جي ايم سيد جو ھيو پر ڀٽي وري فوجي جنرل ايوب کان جي آشيرواد سان اقتدار ماڻيو ھيو پوءِ به ڀٽو جمھوريت پسند فاطمه جناح سميت ھي پوري ليڊر شپ غدار سڏي ويئي جڏھن ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
5 جولاءِ ھئي رات جي 12 بجي اعلان ٿيو ته ملڪ تي راتاھو لڳو آھي ۽ مارشل لا لڳي ويئي آھي، ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي ويئي آھي. جلسن جلوسن تي پابندي آھي. اخبارن مٿان سنسر شپ مڙھي ويئي آھي، سياسي اڳواڻ سڀ قيد ٿي ويا. اھو سال1977ع جو هو، ملڪ جو ھر شھر ۽ ھر رستي تي فوج ۽ ئي فوج ھئي 5ماڻھو گڏ ڏٺا ويا ته گرفتار ڪيا ويندا. ماڻھن مٿان فوجن جي دھشت ويھارڻ جون وڏيون ڪوششون جاري رھيون ڪيرائي ماڻھو سٽيا ڪٽيا ماريا ويا نيٺ عوام ۾ بي چيني پئدا ٿي ۽ سياسي ماڻھون به تنگ ٿي پيا، اهڙي گهٽ ۽ ٻوست جي ماحول ۾ ايم آر ڊي ٺھي، ايم آر ڊي ٺاھڻ ۾ مير غوث بخش بزنجو جو وڏو ڪردار ھيو.
1983ع ۾ ويڙھ ڪرڻ جو اعلان ٿيو ۽ اسين به ان ۾ پنھنجو پتڪڙو ڪردار ادا ڪيو سين ۽ سکر جيل جي ياترا ڪئي سون اتي سکڻ جو وڏو موقعو مليو ۽ ڪتاب پڙھڻ يا اسٽڊي سرڪل ۾ گذارياسون، جتي اسان کي دانشور استاد مليا جن ۾ محمد صالح بلو، انور پيرزادو، امان الله شيخ، ايس ايس ٽي جو اڳواڻ سراج سيال مليا. باقي ليڊر شپ ۾ شھيد محمد يوسف جکراڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ شبير شر پ پ جو ھڪ معتبر ماڻھو ڊاڪٽر اسمائيل اوڊيجو ۽ باقي وڏيرا پير به شامل ھيا جن جا معافي نا۾ لکيل اوھان کي ملندا، آفتابه شعبان ميراڻي، مير ھزار خان بجاراڻي، پير علي تقي شاھ، نويد قمر شاھ، خرشيد شاھ، عنايت رند سياسي ڪارڪن ۾ پير شھابه الدين مٺل رند خادم چانڊيو مراد چانڊيو سانوڻ مڪراني شاگردن ۾ اڳواڻ بخشل جمالي مهيش ڪمار، الطاف شاھ، ڪريم بخش، ملڪ سڪندر لاکو، نانڪ رام، رحمت الله ملڪ ۽ وطن دوست تنظيم ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ گروپ جا ڪيترائي سياسي ڪارڪن ھيا، مزدور ڪسان پارٽي جي وڏي قداور شخصيت فتح حياب علي خان، قاري شير افضل، الذوالفقار جي نالي سان، پرويز علي شاھ به جيل ۾ موجود ھيا سڀ کان پھريئن ته اسين سياسي ڪارڪن بند وارڊ ھياسين پ پ جا چڱا ڀلا نالي وارا وڏيرا جيل جي اندر ناليون صاف ڪندا ھيا اسان جو لڏو ايس ايس ٽي وطن دوست وارا ۽ ڪامريڊ سڀئي بند وارڊن ھيا سين. نيٺ جيل اندر بک ھڙتال ڪئي سون ته انتظاميا کي مجبور ٿي اسان سان ڳالھيون ڪرڻيون پيون. اسان کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن طرفان ڳالھين جي قيادت مقرر ڪئي جنهن ۾ انور پيرزادو، سراج سيال، امان الله شيخ ھيا، باقي پ پ وارن جو ته ڪو اوھي واھي نه ھيو. ڳالھيون ڪامياب ٿيون ته سياسي قيدي ڪوبه ڪم نه ڪندا بند وارڊ نه ھوندا ۽ سياسي قيدين کي بي ڪلاس ڏيندو انتظاميا چيو ته جيل ۾ سياسي قيدي تمام گھڻا آھن سڀني کي بي ڪلاس نٿا ڏئي سگھون صرف ليڊر شپ کي ڏيون ٿا پوءِ سياسي ڪارڪن کي اڇي چڪر ۽ ڪاري چڪر ۾ رکيا ويا ۽ ليڊر شپ کي بي ڪلاس مليو باقي اڇي چڪر کان ڪاري چڪر وڃڻ لاءِ ٿورا ٿورا ٿي اچي وڃي سگھن ٿا.
جڏھن سنڌ جا ماڻھو اھڙي وڏي جنگ فتح ڪرڻ لاءِ سختيون سھي سگھن ٿا ته پوءِ 26 آئيني ترميم ھجي. خلاف مزاحمت ڇو نٿي ٿي سگهي. اسان جي جنگ غير جمهوري طاقتن سان رهي آهي. اسان جي جنگ ھڪ ايوب خان جي باقيات سان آھي ۽ ٻي جنرل ضيا الحق جي باقيات سان آھي.