اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪيون، ملاقات دوران علي اردشير لاريجاني به پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ باهمي فائدي وارن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، شهباز شريف سان ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي اڳڀرائين بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي ضروري قرار ڏنو، ڊاڪٽر علي لاريجاني تازين 12 ڏينهن واري جنگ دوران ايران جي غيرمتزلزل حمايت تي پاڪستاني قوم ۽ قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت بابت پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، ملاقات دوران آصف زرداري چيو ته اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار جي عڪاسي ڪري ٿو، پاڙيسري ملڪ سان سهڪار ضروري ۽ ٻنهي ملڪن جي شهرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، ڊاڪٽر علي اردشير لاريجاني چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر لاريجاني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ ايراني صدر مسعود پيزشڪيان طرفان صدر زرداري کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.