ڪراچي ۾ اربين رپين جي ڪمن تي متحده پريشان آهي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سڄي ملڪ ۾ مڪاني ادارن کي سڀني کان وڌ بااختيار پاڪستان پيپلز پارٽي بڻايو آھي، جيڪڏھن ايم ڪيو ايم وارا گھڻو گوڙ ڪن ٿا ته اسان لاھور جو مڪاني ادارن وارو نظام ڪراچي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آھيون، مڪاني ادارن جي لاءِ پنجاب جو مثال ڏنو پيو وڃي جتي اڃا تائين مڪاني چونڊون ٿيون ئي ناھن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي جي بيان جي ردعمل ۾ جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ هن چيو تھ ڪراچي سنڌ جي دل ۽ اسان جي پھرين اوليتن ۾ شامل آھي، مجموعي طور تي اربين رُپين جو سرمايو شھري بنيادي ڍانچي ۽ بنيادي سھولتن ۾ لڳايو پيو وڃي، سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ شھري سھولتن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڀرپور نموني ڪم ڪري رھي آھي ۽ اُن ۾ رنڊڪ وجھڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون. هن چيو ته اسان جو ڪم ڳالھائيندو آھي، ڪراچي ۾ اربين رُپين جا منصوبا جاري آھن، ايم ڪيو ايم اُنھن ۾ رنڊڪ وجھڻ لاءِ سرگرم آھي، اي وي بس سروس، پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، شاھراھ ڀٽو، تاج حيدر پُل، پنڪ اسڪوٽيز، بي آر ٽيز جھڙا منصوبا ايم ڪيو ايم ڪيو به شروع ڪري سگھي پئي پر اُن جي ڪم ڪرڻ جي نيت ئي نه ھُئي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار رڳو واعدا ناھي ڪندي، ڪم ڪري ڏيکاريندي آھي، سنڌ سرڪار ڪراچي کي ڏينھون ڏينھن جديد بڻائي رھي آھي ۽ ايم ڪيو ايم کي اھا ڳالھ ھضم نه پئي ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.