ملڪ ۾ بيروزگاري شرح وڌي وئي، 80 لک ماڻهو بيروزگار

اسلام آباد (بيورو) قومي ليبر فورس سروي 2024-25 موجب ملڪ ۾ بي روزگاري 7.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته 80 لک ماڻهو بي روزگار آهن. 2020-21 ۾ بي روزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو هئي، يعني پنجن ورهين ۾ 0.8 سيڪڙو اضافو ٿيو. سروي مطابق آبادي جو 3.3 سيڪڙو حصو بي روزگار آهي. روزگار ۾ خدمتي شعبو (41 ڏهائي 7 سيڪڙو) پهرين، زرعي شعبو (33 ڏهائي 1 سيڪڙو) ٻئي ۽ صنعتي شعبو (25 ڏهائي 1 سيڪڙو) ٽئين نمبر تي آهن. في ماڻهو سراسري ماهوار اجرت 39 هزار کان 42 هزار رپيا کڻي ٿو، جنهن ۾ پنجن سالن دوران 15 هزار رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.