ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته 28،29 ۽ 30 هين ترميم اچي سگهي ٿي ان ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي،پر ڪو ٽائيم فريم ناهي،27هين ترميم جي منظوري کان هڪدم پوءِ چيو ويو ته 28هين ترميم اچي رهي آهي،ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪا شئي پاڪستان،صوبن ۽ عوام خلاف هوندي پ پ بلڪل ان جي حمايت نه ڪندي،خاص طور تي ارڙهين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ تي ڪا ڳالهه ٿئي ٿي پ پ ان طرح جي ترميمن جي حمايت نه ڪندي،هن چيو ته اسان کي ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ احترام آهي پر هو جڏهن سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان کي وڏو ڏک ٿئي ٿو،انهن کي اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي،سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه انهن جو باني ڪندو هو،هن چيو ته نوان تجربا هميشه ناڪام ٿيندا آهن،هن وقت جيڪي چار صوبا آهن ڇا انهن کي پورو انفرااسٽرڪچر مليل آهي؟نوان صوبا ٺاهڻ سان نئين سيڪريٽريٽ،سي ايم هائوس،هاءِ ڪورٽ بڻائڻ لاءِ ڇا پاڪستان وٽ ايترا پئسا آهن؟اسان جي معيشت ان جي اجازت ڏيندي؟هن چيو ته پ پ کي موت يا ٻي ڪا شئي ڏيکاري ڊيڄاري ڌمڪائي نٿو سگهجي،26هين ۽ 27هين ترميم ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو ڪردار هو،هن چيوته سنڌ لاوارث ناهي جو اتي نوان قانون ٺاهيا وڃن،ايم ڪيو ايم جا دوست جيڪڏهن پنجاب جهڙو مڪاني نظام چاهين ٿا ته اهو اسان آڻي ٿا ڇڏيون،بااختيار مڪاني نظام جو رڳو نعرو آهي،چئني صوبن ۾ هڪ جهڙو مڪاني نظام اچي ٿو ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي،هن چيو ته پاڪستان اسان لاءِ اهم آهي،اين ايف سي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون،دفاعي بجيٽ خاطر پهريون قدم پ پ کڻندي،ملڪ جي دفاع لاءِ اسان حاضر آهيون