ڪراچي (رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائس چيئرمين ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، مجلس وحدت المسلمين جي مولانا صادق جعفري، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي منير نائچ، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سرباز عبدالرب، بشير خان ترين ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪمون شهيد گھوٽڪي کان ڪراچي تائين ٽن ڏينهن واري عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي، جنهن ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل جماعتن جا مرڪزي اڳواڻ سڌي طرح عوام سان ملاقاتون ڪندا. اجلاس ۾ 21 نومبر تي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن وڏي پئماني تي ملهائڻ تي عوام کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، جڏهن ته 27هين آئيني ترميم خلاف ملڪ گير سطح تي وڪيل برادري جي جدوجهد کي پڻ ساراهيو ويو.وائس چيئرمين تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين عوامي رابطا مهم هلائي ويندي، جنهن ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراه محمود خان اچڪزئي، علامه راجا ناصر عباس، اسد قيصر سميت مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ٽي ڏينهن جاري رهندڙ اها ريلي مختلف شهرن مان ٿيندي ٽئين ڏينهن ڪراچي پهچندي.هن چيو ته عوام موجوده نظام کان بيزار ٿي چڪو آهي، بيروزگاري، بدحالي ۽ مهانگائي ماڻهن جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. 27هين آئيني ترميم آڻي آئين ۽ قانون جي بالادستي ختم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ عوامي ردعمل کان بچڻ لاءِ بار بار قلم 144 لاڳو ڪرائي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران حيدرآباد ۾ جلسي جي اعلان کان پوءِ سڄي صوبو ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ ثابت ڪري ٿو ته پ پ سنڌ ۾ پنهنجي عوامي مقبوليت وڃائي چڪي آهي. عوام بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدحالي کان تنگ اچي چڪا آهن، تنهن ڪري ملڪ گير تحريڪ هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. عوام جي راءِ کي دٻائڻ ۽ جعلي مينڊيٽ سان ٺهيل حڪومتون مڙهڻ جي ڪوشش هاڻي نه هلندي. حليم عادل شيخ چيو ته 27هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي کي سخت نقصان پهچايو آهي، ۽ صرف عوامي جدوجهد ئي چوريل مينڊيٽ تي ٻڌل هن نظام کي ختم ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان کي ناحق قيد ڪري عوام دشمن ترميمون آنديون پيون وڃن، جيڪي ڪنهن صورت قبول نه ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي جلسن ۽ عوامي رابطا مهم کان خوفزده ٿي سنڌ ۾ قلم 144 نافذ ڪيو ويو آهي، پر ڪو به قدم عوام کي پنهنجي حق لاءِ نڪرڻ کان نه روڪي سگهندو. ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪمو شهيد کان ڪراچي تائين ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري مهم دوران مختلف شهرن ۾ وڏا ميڙاڪا ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ جي عوام پ پ کان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ سڄي قوم سياسي استحڪام لاءِ عمران خان ڏانهن ڏسڻ رهي آهي. ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه رهيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.حليم عادل شيخ چيو ته پ پ گذريل 17 سالن دوران سنڌ ۾ اهڙو ڪرپشن جو ڄار وڇايو آهي جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن، پر هاڻي هن نظام جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي.