لاھو(بيورو) جماعتِ اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن پاران ”بدلي ڇڏيو نظام“ تحريڪ جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسا، جلوس ۽ ڌرڻا منعقد ڪرڻ جو اعلان ۽ سياسي سڌارن جو مطالبو ڪندي هن چيو ته اختيارن کي بيوروڪريسي بدران مقامي حڪومتن حوالي ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هن پنجاب جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته مقامي حڪومتن جي چونڊن لاءِ تحريڪ جو آغاز ڪن. ڇوته هي رڳو پنجاب جو نه پر سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي. سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ به اشرافيه اختيارن تي قابض آهي، جنهن خلاف تحريڪ هلائڻ ضروري آهي. هن چيو ته مقامي حڪومتن جو نظام وقت جي ضرورت ۽ اسان جو اهم مطالبو آهي. جماعت اسلامي جي ڪاميابي پاڪستان جي ضرورت آهي. ڪشمير ۽ فلسطين اسان جون ريڊ لائينون آهن، انهن تي ڪا به سمجھوتو قبول نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مينار پاڪستان تي ڪوٺايل ملڪ گير ٽن ڏينهن واري اجتماع عام جي اختتامي سيشن ۾ خطاب دوران ڪيو. سڄي ملڪ مان شرڪت ڪندڙ لکين ماڻهو ڀرپور اجتماع کان پوءِ واپس پنھنجي ماڳن ڏانھن روانا ٿي ويا. “بدل دو نظام” تحريڪ تحت 50 لک نوان ميمبر شامل ڪيا ويندا ۽ 15 هزار عوامي ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون. حافظ نعيم الرحمٰن بلدياتي نظام کي آئين ۾ تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پنجاب جي اڳواڻن کي هدايت ڏني ته اسيمبلي اڳيان ڌرڻي جي تياري ڪن. هن 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي مڪمل رد ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين کي تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش خلاف پوري مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته چونڊن کي ڪنهن به قيمت تي هاءِ جيڪ ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇوجو ان سان عوام جو حڪومت چونڊڻ جو حق سلب ٿي ويندو آهي، نوازشريف! عوام هاڻي هارس ٽريڊنگ جي حقيقت کي پوري طرح سمجهي چڪو آهي، شهرين ڏسي ورتو آهي ته ڪير پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺل رهي ٿو ۽ ڪير پنهنجي عوامي مينڊيٽ کي وڪڻي ڇڏي ٿو، ان ڪري هر جاءِ تي حافظ نعيم الرحمان جي حمايت وڌي رهي آهي، هن چيو ته حافظ نعيم ان وقت سمجهوتو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ٻيا سوديبازي ۾ مصروف هئا، عوام پنهنجو فيصلو ڪري چڪو آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته وڏيرا صاحب! سنڌ جا ماڻهو ناانصافين تي ٻڌل غير منصفاڻي گهٽ ۾ گهٽ اجرت خلاف متحد ٿي حافظ نعيم الرحمان سان گڏ ٿي ويا آهن، سالن کان پورهيت طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو، پر اڄ سنڌ همت ڪري بيٺي آهي ۽ اها مطالبو ڪري رهي آهي ته جيڪا هر محنتي پاڪستاني جو حق آهي:عزت، احترام ۽ منصفاڻي اجرت، هن چيو ته جماعت اسلامي پنهنجي مقامي حالتن ۾ ڪم ڪندي، ظلم خلاف آواز اٿاريندي، پر اسان قومپرست آهيون نه ئي ورڇ پيدا ڪنداسين، اسان پاڪستان کان شڪايت ڇو ڪريون؟ پاڪستان ڪنهن وڏيري، جنرل يا سياستدان جي جاگير ناهي، هر بلوچ، سنڌي، ڪشميري، پٺاڻ، هزاري وال، پنجابي ۽ مهاجر سميت هر هتي وسندڙ سمورين قومن جو آهي، هن چيو ته وقتي پاپولرٽي تباهي آڻيندي اهي، اسان جي اصل طاقت پنهنجي نظم ضبط ۽ اجتماعيت ۾ آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ جنريشن زي جي سوچ هڪ جهڙي آهي، نيپال ۽ بنگلاديش ۾ تازو ئي حڪومتن کي گهر موڪليو ويو آهي، پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته ياد رکن ته بنگلاديش ۾ حسينه واجد کي ايئر لفٽ ڪرڻ هيليڪاپٽر پهچي ويو هو پر ايئن نه ٿئي ته عوام توهان کي ايئرپورٽ تائين به پهچڻ نه ڏئي، هن چيو ته ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي قبول نه آهي، نه ٽي ايل پي تي پابندي لڳڻ گهرجي ۽ نه عمران خان کي سياسي بنيادن تي جيل ۾ رکڻ گهرجي. اسين ھر ھنڌ حق جو ھوڪو ڏيندا رھندا سين، پوءِ اھو ڇو نه اِسٽيبلشمينٽ يا حڪومت کي اها ڳالهه خراب لڳي. هن چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميمن خلاف تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ گهڻا جنريشن زي جا آهن. اسين انهن کي گڏ وٺي هلنداسين، انهن کي مهارتون سکندڙ بڻائينداسين ۽ اسٽارٽ اپس لاءِ آسان قرض فراهم ڪنداسين. طبقاتي تعليم نظام سبب انهن لاءِ اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي ويو آهي؛ اسين انهن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، کين آءِ ٽي جي تعليم ڏينداسين، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ راندين جون سهولتون پيدا ڪنداسين ۽ ٽيلنٽ هَنٽ پروگرام متعارف ڪرائينداسين. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي جنريشن زي لاءِ ڪنيڪٽيوٽي پروگرام جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته وڪيلن کي متحد ڪري ملڪ جو مدي خارج عدالتي نظام تبديل ڪبو. آزاد پرڏيهي پاليسي جو مطالبو ڪندي هن چيو ته ملڪ کي آمريڪا جي اثر هيٺ پاليسين مان نڪري اچڻ گهرجي ڇوجو ان سان بدامني وڌي رهي آهي. دوستي ۽ دشمني ٻنهي ۾ وقار کي ملحوظ رکڻ ضروري آهي. افغانستان سان لاڳاپيل مسئلن کي درست ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، هن چيو ته افغان حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجي زمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي، ۽ پاڪستاني اختيارين کي به افغانستان لاءِ اهو ئي لهجو اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪو ٻين پاڙيسرين لاءِ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽرمپ جي پاليسي تحت پاڪستاني فوج کي غزه موڪلڻ جي سخت مخالفت ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسين فلسطيني امن لاءِ ٽرمپ اسپانسرڊ قرارداد ڪنهن صورت قبول نه ڪنداسين. اهڙي قرارداد کي قبول ڪندڙن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڇوجو اها پاڪستان جي فلسطين پاليسي کان انحراف آهي. ڪشمير کي پاڪستان جو حصو سمجهون ٿا ۽ ان کي ڀارت حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪشمير تي اقوامِ متحده جي قراردادن موجب حقِ خوداراديت ڏيڻ ئي حقيقي حل آهي. ڪشمير تي سمجھوتو ڪرڻ يا ابراهيم معاهدو يا اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ٿي ته عوام حڪمرانن کي نشانِ عبرت بڻائي ڇڏيندو. ڪارڪنن کي هدايت ڪندي حافظ نعيم الرحمن چيو ته الله سان تعلق مضبوط ڪريو، ڏي وٺ شفاف رکو ۽ هر معاملو الله جي حڪم مطابق لکيو. ڪارڪنن کي صله رحمي جي نصيحت ڪئي ۽ چيو ته رشتا ڀرپور نڀائڻ جي ڪوشش ڪريو، پاڻ مرادي (خودنمائي) کان پاسو ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ چونڊن جي اعلان تائين جماعت اسلامي جو ڪو نامزد اميدوار نه هوندو. هر ڪارڪن جماعت اسلامي جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اميدوارن جو فيصلو چونڊن جي وقت ڪيو ويندو.