ڪراچي ۾ 756 ترقياتي اسڪيمون جاري آهن\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سنجيده ۽ فعال پاليسي تحت هن وقت ڪراچي ۾ 756 ترقياتي اسڪيمون جاري آهن، جن جو مقصد شهر جي بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد بڻائڻ آهي،هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جون 76 اسڪيمون سوا 13 ارب رپين جي خرچ سان هلايون پيون وڃن، جڏهن ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جون 200 اسڪيمون 18 ارب 36 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جاري آهن،هن چيو ته حڪومت شهر کي جديد، محفوظ ۽ سهولتن سان ليس بڻائڻ لاءِ سمورا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ عوام جي سهڪار سان ترقياتي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي۔ صوبائي حڪومت اهم منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن شهر جي انفراسٽرڪچر کي جديد ضرورتن مطابق اپ گريڊ ڪري سگهجي،شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي واضح رليف ملندو ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سڀ منصوبا  وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.