ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف شهرين جي پمپنگ اسٽيشن تي ڪاهه

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي سيڪٽر اليون اي جي رهواسين رات دير سان پاڻي جي شديد کوٽ خلافناگن چوڪ پمپنگ اسٽيشن تي هلان ڪئي، احتجاج ۾ عورتن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي، مظاهري دوران واٽر ڪارپوريشن جي عملي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته مڇريل شهرين عملي تي هٿ کڻڻ جي به ڪوشش ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل هڪ مهيني کان گهرن ۾ پاڻي نٿو اچي، جڏهن ته واٽر ڪارپوريشن ڪيترائي ڀيرا واعدا ڪرڻ باوجود به پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي، عورتن شڪايت ڪئي ته پاڻي خريد ڪري استعمال ڪرڻ هاڻ برداشت نٿا ڪري سگهون، مڇريل ماڻهن پمپنگ اسٽيشن تي “پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو” جا نعرا به هنيا،  احتجاج جي اطلاع ملڻ تي تيموريه پوليس موقعي تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي ڪامياب ٿيڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.