ڌاٻيجي (ن ع آ) تعليم کاتي پاران معطلي جو نوٽيس ملڻ کانپوءِ ميرپورساڪرو هاءِ اسڪول جي هيڊماسترياڻي ڌاٻيجي پريس ڪلب پهتي، هن چيو ته فنڊز لاءِ ٻارن کي استعمال ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، ڪميٽي پاران هڪ طرفو فيصلو ڪري مون کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بنائي منهنجي 13 ورهين جي سروس تباھ ڪري منهنجن ٻچن جي وات مان ماني گرهه کسيو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هيڊماسترياڻي گلناز جوکيو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته گذريل ٻه ڏينهن مونتي من گهڙت الزام مڙهي منهنجي ساک متاثر ڪئي وئي جنهن کان تعليم کاتي جي وزير سردار شاھ نوٽس وٺندي جيڪا ٽيم مقرر ڪئي، تنهن ٽيم اندر ٽي اي او نسرين پليجو ۽ ٽيم سميت مقرر ڪيل ٽيم صرف هندو نياڻين کان موقف ورتو،جڏهن ته اسڪول اندر پڙهندڙ ڪنهن به مسلمان نينگري کان ڪنهن قسم جي پڇا نه ڪئي. من پسند انڪوائري ٽيم هتان جي بااثرن کي خوش ڪرڻ 20 لک فنڊ هڙپ ڪرڻ لاءِ هڪ طرفو فيصلو ڪري مونسان ناانصافي ڪئي آهي، معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، 6 ڏينهن پهريان ميرپورساڪرو هاءِ اسڪول ۾ هندو برادري جي معصوم نياڻين پاران اسڪول جي هيڊماسترياڻي تي الزام مڙهيو ويو ته زبردستي اسان کي مسلمان ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي جيڪي خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ تعليم جي وزير ڊي اي او ٺٽو حضور بخش خاصخيلي کي نوٽيس وٺندي هدايتون جاري ڪيون. جنهن کانپوءِ تعليمي کاتي جا عملدار سر زمين تي پهتا، جاچ کانپوءِ هيڊماسترياڻي کي معطل ڪيو ويو.