بنون (م ڊ) بنون ريجن ۾ گذريل 3 مهينن دوران پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين تي دهشتگردن جا 140 کان وڌيڪ حملا ناڪام بڻايا ويا، رپورٽ موجب، رڳو هڪ هفتي جي دوران دهشتگردن خلاف ڪيل آپريشنز ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 22 زخمي ٿيا، پوليس عملدارن بنون ريجن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ پوليس آپريشنز بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ دهشتگردن خلاف جاري ڪارروائين جو ذڪر ڪيو ويو، آپريشن جي نگراني ڪندڙ آر پي او سجاد خان چيو ته بنون جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن، جڏهن ته جديد وسيلن جي استعمال سبب ڊرون حملن سميت دهشتگردن جا وڏا حملا به ناڪام بڻايا ويا آهن.