دبئي ايئر شو ۾ فوتي پائلٽ جو لاش ڀارت پهچايو ويو، جاچ شروع

نئين دهلي (م ڊ) دبئي ۾ ايئر شو دوران انڊين ايئر فورس جي تيجاس فائٽر جيٽ جي حادثي ۾ فوت ٿيل ڀارتي پائلٽ جو لاش ڀارت آندو ويو. دبئي جي المکتوم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل ايئر شو جي آخري ڏينهن تي، انڊين ايئر فورس جو پائلٽ ونگ ڪمانڊر نمن سيال تيجاس فائٽر جيٽ ۾ ڪرتب ڏيکاري رهيو هو ته جهاز اوچتو ڪنٽرول وڃائي ويٺو ۽ زمين تي ڪري پيو ۽ ڪري تباهه ٿي ويو. نمن سيال حادثي ۾ مارجي ويو. نمن سيال جي لاش کي انڊين ايئر فورس جي هڪ خاص جهاز ذريعي تامل ناڊو جي ڪوئمبٽور ۾ سلور ايئر بيس تي آندو ويو. گڏيل عرب امارات روانگي کان اڳ، کيس اماراتي فوجي اهلڪارن پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. يو اي اي ۾ انڊين سفارتخاني پاران پنهنجي سرڪاري اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انڊين سفير ديپڪ متل ۽ قونصل جنرل ستيش سيوان ونگ ڪمانڊر نمن سيال کي ڀيٽا پيش ڪئي. ونگ ڪمانڊر نمن سيال جو تعلق ڀارتي رياست هماچل پرديش جي ڪانگرا ضلعي سان هو. ٻئي پاسي ڀارتي اختيارين پاران معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.