بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهم نالو آهي، ھو پنهنجي جوھر ۾ نه فقط ڪهاڻيڪار آهي پر هڪ حساس انسان، سماج جو سچو نقاد ۽ زندگيءَ جو بيباڪ راوي به نظر اچي ٿو. سندس شخصيت ۾ هڪ طرف ادب سان عشق جي شعور واري وابستگي ڏسجي ٿي ته ٻي طرف زندگيءَ جا سخت تجربا، پيڙا ۽ مشاهدا سندس فن کي وڌيڪ گهرو ۽ معتبر ۽ بڻائين ٿا. فني پختگي، سماجي شعور ۽ داخلي حساسيت جي ڪري ھو ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ نمايان جاءِ والاري ٿو.”پاڙي ناههِ پروڙ“، ”سنگرام“، ”اويلو مسافر“ ۽ نفيس خواب ريشمي خواهشون“ کان پوءِ هي سندس نئون مجموعو "آخري واردات” به انهيءَ تخليقي سفر جو تسلسل آهي، جنهن ۾ فڪر، احساس، سماج، انسان ۽ ان جي تڪليفن جو عڪس هڪ نئين انداز ۾ جھلڪي ٿو.
”آخري واردات“ جون ڪهاڻيون زندگيءَ جي مختلف پاسن کي عيان ڪن ٿيون ڪٿي سياسي منافقت آهي، ته ڪٿي عشق جي بيثباتي، ڪٿي شهري زندگيءَ جي اڪيلائپ، ۽ ڪٿي اندر جي ويرانين جو نوحو. بادل جمالي جديد دور جي تضادن کي نه رڳو ڏسي ٿو، پر انهن کي فني حڪمت سان پيش ڪري ٿو. سندس ڪهاڻيون ظاهر ۾ شخصي تجربا لڳن ٿيون، پر دراصل اهي گڏيل انساني تجربن جو عڪس آهن.
هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ برک ليکڪ سائين محمد علي پٺاڻ لکيو آهي ته، ”بادل جمالي صاحب اسان جي دور جووڏو ڪهاڻيڪار آهي. ڪهاڻيءَ جي تاريخ جي آرٽ گيلريءَ ۾هن جون لڳ ڀڳ سڀ ڪهاڻيون پاڻ کي سون ۾ مڙهايون بيٺيون آهن. جن جي چمڪ دمڪ ۾ پنجاهه سالن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو آهيئ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون عظيم ڪهاڻيءَ جي قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون“
بادل جماليءَ جا ڪردار سماج جا جيئرا جاڳندا جِيوَ آهن. هو ڪردارن کي فقط لفظن سان بيان نه ٿو ڪري، پر سندن اندر جي خاموشين، ڀڃ ڊاهه ۽ پِيڙا کي به محسوس ڪرائي ٿو. سندس عورت ڪردار مضبوط، حساس ۽ شعوري سطح تي بيدار آهن، جڏهن ته مرد ڪردار گهڻو ڪري اندروني ڀڃ ڊاهه ۾ جڪڙيل نظر اچن ٿا. سندس ڪهاڻين جا ڪي ڪردار ظاهري نه پر اندروني جنگ جو شڪار آهن. جيڪي ظاهري دنيا سان وڙهڻ کان اڳ پنهنجي اندر جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.نامياري ليکڪ ڊاڪٽرنواب ڪاڪا جو بادل جماليءَ جي ڪهاڻين بابت چوڻ آهي ته، ”بادل جمالي ڳالهه کي کڻڻ ۽ ان سان نڀائڻ جو فن چڱي طرح ڄاڻي ٿو. هن وٽ موضوع جي يڪسانيت ناهي. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ اعليٰ سماجي قدرن جو پاسدار نظر اچي ٿو. ڪهاڻيءَ جي فن تي کيس دسترس حاصل آهي. سندس ڪجهه ڪهاڻين ۾ پوسٽ ماڊرنزم صورتحال جا اولڙا موجود آهن.“ ”آخري واردات“ جي ڪهاڻين ۾ بادل جمالي جو اندازِ بيان سادڙو پر اهڙو ته گهرو اثر ڇڏيندڙ آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ نفسياتي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو جتي لفظن جي پٺيان احساس ۽ جملي جي اندر لڪل تڪليفن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. سڀ کان وڏو ڪمال سندس بيان جي سادگي ئي آهي. هو مشڪل فلسفا نه ٿو ڏئي، پر سادڙي انداز سان وڏي معنويت ڳولي ٿو. سندس ٻولي ۽ لهجو روزمره جي استعمال واري ذائقي سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ ڪٿي به بنهه مصنوعي ڇاپ محسوس نٿي ٿئي. "آخري واردات” جي ڪهاڻين ۾ ڊائلاگ حقيقتن سان ڀريل آهن، جتي هر جملي ۾ زندگيءَ جي تپش محسوس ٿئي ٿي.
هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو موڙ آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ لمحي لاءِ روڪي رکي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. بادل جي ڪهاڻي محض قصو نه آهي، پر سماج جي تڪليفن جو بي آواز احتجاج آهي. هي مجموعو بادل جماليءَ کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي انهن ليکڪن جي قطار ۾ بيهاري ٿو، جيڪي ڪهاڻيءَ کي رڳو ڪنهن واقعي تائين محدود نه رکندا آهن، پر ان کي فڪر، فلسفي ۽ احساس جو اظهار بڻائيندا آهن. سندس ڪهاڻيون قاريءَ کي صرف پڙهڻ لاءِ نه پر سوچڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ دعوت ڏين ٿيون. تنهن ڪري هي ڪتاب هر سنجيده پڙهندڙ لاءِ لازمي آهي. اڄ رزاق آباد ۾ ملير پريس ڪلب طرفان هن ڪتاب تي هڪ تقريب پڻ ڪوٺائي وئي آهي.