شڪارپور ۾ ميونسپل چيئرمين ۽ گارڊن جو وڪيل تي حملو، رتورت

شڪارپور (رپورٽ:زاھد سنجراڻي) نيو فوجداري ٿاڻي جي حد خانچندا آباد پاڙي ۾  وڪيل امجد شيخ جي گھر ڀرسان نالي ڪڍڻ جي ڳالھه تان ميونسپل ڪاميٽي جي عملي ۽ وڪيل وچ ۾ منھن ماري ٿي پئي وڪيل ۽ عملي جي وچ ۾  منھن ماري بعد اطلاع تي چئيرمين فياض محمود شيخ پھنجي گارڊن سان  وڪيل جي گھر پھتو علاقي واسين موجب چئيرمين فياض محمود شيخ گاڏي مان لھڻ شرط سامھون بيٺل وڪيل امجد شيخ کي چماٽون وھائي ڪڍيون جنھن تي وڪيل پاران کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي گارڊن مٿس حملو ڪري ڪلاشن  ڪوف جا بٽ ھڻي وڪيل کي رتورت ڪري ڇڏيو، زخمي وڪيل مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ڪري پيو جنھن بعد وڪيل جي وارثن کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي گارڊن ھوائي فائرنگ ڪري ڏني ڇتي فائرنگ سبب پاڙي ۾ جمع ٿيل وڪيل جي وارثن توڙي علاقي واسين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، علاقي واسين خوف مان گھرن جا در بند ڪري ڇڏيا فائرنگ سبب علاقي ۾ ڏھڪاءُ پيئجي ويو فائرنگ جي آواز تي پھتل پوليس ذريعن موجب چئيرمين فياض محمود شيخ کي ڏسندي پوئتي بيھي رھي پوليس اهلڪار ويجھو ئي نه آيا جنھن بعد چئيرمين ميونسپل ڪاميٽي گارڊن سميت وڪيل کي زخمي ۽ فائرنگ ڪرڻ بعد آساني سان واقعي واري ھنڌ روانو ٿي ويو چئيرمين جي وڃڻ بعد زخمي وڪيل کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾سول اسپتال منتقل ڪيو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾سکر ريفر ڪيو ويو،ع وامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي چئيرمين فياض محمود شيخ چيو ته وڪيل سان ڪو به جيھڙو نه ٿيو آھي نه ئي ڪا فائرنگ ڪئي آھي ميونسپل عملي سان وڪيل جو مسئلو ٿيو ھوندو زخمي وڪيل جي والد داد محمد شيخ  ٻڌايو ته گهر ٻاهران نالي ڪڍڻ جي معاملي تان چيئرمين فياض محمود شيخ ۽ ان جي گارڊن حملو ۽ فائرنگ ڪري پٽ کي بيگناهه زخمي ڪيو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر گدا حسين بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته چئيرمين جي کليل غنڊا گردي آھي چئيرمين پاڻ گارڊن سان گڏجي وڪيل مٿان حملو ڪيو جنھن جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آهي بار طرفان اڄ چئيرمين خلاف احتجاج سان گڏ چئيرمين ۽ چئيرمين جي گارڊن تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو وڪيل مٿان حملو ڪنھن به صورت برادشت نه ڪيو ويندو پوري وڪيل برادري پھنجي وڪيل سان گڏ آھي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.