اسلام آباد (م ڊ) مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان 17 وڏن پرائيويٽ اسڪول سسٽمز کي اجاره داري ۽ مشروط فروخت جي الزام تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، اسڪولن کي 14 ڏينهن ۾ تحريري جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي، نوٽيس موجب، اسڪول شاگردن کي مخصوص وينڊرز کان مهانگيون ڪاپيون، نوٽ بڪس ۽ لوگو واري يونيفارم خريد ڪرڻ تي مجبورڪندا آهن، جنهن سبب والدين سستا متبادل حاصل نه ڪري سگهن ٿا، ڪميشن چيو آهي ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ شاگرد يرغمال بڻجي وڃن ٿا ۽ اسڪول تبديل ٿيڻ مشڪل هوندو آهي، جنهن سبب والدين اسڪول جي تجارتي پاليسين تي مجبور ٿين ٿا، ملڪ جا 50 سيڪڙو شاگرد پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ هي اسڪول سسٽمز هزارين ڪيمپس هلائين ٿا، جنهن سان لکين شاگرد ۽ والدين متاثر ٿين ٿا، ان پاليسي سبب اسٽيشنري ۽ يونيفارم وڪڻندڙ هزارين ننڍا ڪاروبار به متاثر ٿين ٿا.