سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ ذريعي واپار نالي فراڊ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) عوام کي خبردار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ وٽس ايپ گروپس ذريعي غير قانوني سيڙپڪاري ۽ واپاري پليٽ فارمز جي فراڊ کان بچن، ايس اي سي پي موجب غير مجاز فرد ۽ گروپس لائسنس  يافته بروڪر هائوسز، مشهور شخصيتن، فن فلوئنسرز ۽ بروڪريج ايگزيڪيوٽو جي نالي ۽ تصويرن جو غلط استعمال ڪري سيڙپڪاري جي غلط مهم هلائي رهيا آهن، ايس اي سي پي واضح ڪري ٿو ته TSLWEA / TSL WEALTH نه ته SECP کان لائسنس يافته آهي ۽ نه ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) يا ڪنهن ٻي ريگيوليٽڊ مارڪيٽ لاءِ جائز تجارتي پليٽ فارم هلائڻ جو اختيار رکي ٿي، سوشل ميڊيا تي AI تيار ڪيل گمراهه ڪندڙ اشتهار هلندڙ آهن، جن ۾ مشهوري شخصيتون، فن فلوئنسرز ۽ بروڪريج آفيسرن جون تصويرون استعمال ٿي رهيون آهن، جيڪي عوام کي واٽس ايپ گروپس ۾ شامل ٿي لسٽڊ ڪمپنين جي شيئرز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڀڙڪائن ٿا. عوام فراڊ ماڻهن کان پاسو ڪري ۽  TSLWEA / TSL WEALTH يا اهڙن ڪنهن گروپ ذريعي رقم جمع نه ڪرائن ۽ نه ئي سيڙپڪاري ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.