گهرو وزارت پاران ضمني چونڊن لاءِ فوج مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) گهرو وزارت 23 نومبر تي ضمني چونڊن لاءِ پاڪستان آرمي، سول آرمڊ فورسز ۽ مقامي پوليس جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن نامزد فوجي ۽ سول آفيسرن کي ميجسٽريٽ ڪلاس ون جا اختيار پڻ ڏنا آهن. نوٽيفڪيشن موجب، پاڪستان آرمي ۽ سول آرمڊ فورسز 22 نومبر کان 24 نومبر تائين اسٽينڊ بائي ۽ رسپانس موڊ ۾ مقرر رهنديون، جڏهن ته رينجرز دفاعي طور تي ڪوئڪ ريسپانس يونٽ طور خدمتون فراهم ڪندي. مقرر ڪيل فورسز کي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت  مڪمل اختيار حاصل هوندا ته جيئن چونڊن جي ڏينهن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال يا لاقانونيت کي بروقت ۽ اثرائتي انداز ۾ روڪي سگهجي. پي پي 115 فيصل آباد، پي پي 116 فيصل آباد، پي پي 269 مظفر ڳڙهه، اين اي 185 ڊيرا غازي خان، اين اي 18 هري پور، پي پي 73 سرگوڌا، اين اي 96 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، پي پي 38 فيصل آباد، اين اي 49، فيصل آباد، اين اي 38، اين اي 185، ڊيرا غازي خان، اين اي 185، ڊيرا غازي خان، اين اي 18 هري پور، پي پي 73 سرگوڌا، اين اي 96 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، اين اي 38، فيصل آباد، اين اي 49، فيصل آباد، اين اي 38، پي پي 203 ساهيوال، اين اي 129 لاهور ۽ پي پي 87 ميانوالي، اين اي 104 تي فوج کي مقرر ڪيو ويندو.

ڪراچي جلد دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڳڻجڻ وارو  آهي : عالمي تنظيم

نيو يارڪ (م ڊ) ڪراچي کي عالمي سطح تي هڪ وڏو اعزاز ملڻ وارو آهي. ان حوالي سان عالمي اداري پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. گڏيل قومن پنهنجي تازي ”ورلڊ اربنائيزيشن پروسپيڪٽس 2025“ رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي آبادي ۾ غير معمولي واڌ سبب ايندڙ سالن ۾ دنيا جي 5 وڏن شهرن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو . ڪاٿن موجب 2050 تائين شهر جي آبادي وڌي تقريبن 3 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ڪراچي جو شمار دنيا جي 5 وڏن شهرن ۾ ٿيندو.
رپورٽ ۾  چيو ويو آهي ته ڪراچي آبادي جي اعتبار سان آساني سان قاهرا، ٽوڪيو، گوانگزو، منيلا ۽ ڪلڪتا جهڙن شهرن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.