اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين جو احتجاج، پوليس روڪي ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان اسلام آباد ۾ 27هين ترميم جي خلاف احتجاج ڪيو ويو، پوليس مظاهرين جي ريلي کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو.تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان فيصل مسجد جي پارڪنگ ۾ احتجاج ڪيو ويو، اسلام‌آباد پوليس جي وڏي نفري هن موقعي تي موجود رهي. اپوزيشن اتحاد جا اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ اڳتي وڌا، پر فيصل ايونيو تي پوليس کين روڪي ڇڏيو.اڳواڻن ۾ علامه راجا ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا شامل هئا جن نعري بازي پڻ ڪئي.سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان جو چونڊ نشان ڦريو ويو، باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن تي  هٿ کنيا ويا، اسان جي چادر ۽ چار ديواري جي تقدس کي لتاڙيو ويو، اسين پرامن سياسي طاقت آهيون. اسين پاڪستان جي عوام کي دعوت ڏيون ٿا ته اسان جي پرامن تحريڪ جو حصو بڻجن، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان کي هي آئين ۽ دستور قبول ناهي. اسان جي ڪلهن تي ذميواري آهي ته ٻاهر نڪري هن کي رد ڪريون. ملڪ ڀر ۾ هن وقت ريليون نڪتل آهن، ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. هن ملڪ ۾ جبر جي ماحول کي اسين رد ڪريون ٿا. عوامي پٽيشن ذريعي اسين هن کي رد ڪنداسين. سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، عدليه ۽ ميڊيا کي بحال ڪيو وڃي.علامه راجا ناصر عباس چيو ته ميڊيا تي پيڪا ايڪٽ ذريعي ظلم ٿيو، پارليامينٽ مان ايم اين ايز کي کنيو ويو. هن وقت اهڙا ماڻهو ويهاريا ويا آهن جيڪي آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون نٿا ڪرائي سگهن. هر پاسي ظلم جو ماحول آهي. الله فرمايو آهي ته ظلم آڏو ڪڏهن سر نه جهڪائجو، جيڪڏهن جهڪائيندئو ته ظلم وڌيڪ وڌندو. ظالم جو مقابلو ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي، عوامي طاقت ۽ پرامن جدوجهد ذريعي انهن کي روڪڻو آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته سڀني ماڻهن جو شڪريو جيڪي هن تحريڪ جو حصو بڻيا. آءِ ايم ايف اعلان ڪيو آهي ته هي چورن جي حڪومت آهي. آءِ ايم ايف ٻڌايو آهي ته هن حڪومت 5 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ججن سان گڏ ملي هن حڪومت اقتدار حاصل ڪيو. الله جو حڪم آهي ته جابر حڪمرانن خلاف آواز بلند ڪريو. اسين پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون، انشاالله جلد اسان جي فتح ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.