ترميمن ۾ اهڙي ڪا شق ناهي جنهن سان مهانگائي گهٽجي:اسد قيصر

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم ۾ هڪ به اهڙي شق ناهي جنهن سان شين جا اگهه گهٽجن، ملڪ ۾ جيڪي به ترميمون ٿين ٿيون انهن جو فائدو اشرافيا کي ئي ڏنو وڃي ٿو. هن ايڪس تي لکيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم ۽ عمران خان کي ناحق قيد ڪرڻ خلاف ملڪ ۾  پرامن احتجاج ڪيو ويو. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ کي قانون ۽ آئين موجب هلايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.