ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل: جوابدارن طرفان پلي بارگين لاءِ درخواست

پشاور (م ڊ) ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن قومي احتساب بيورو (نيب) کي پلي بارگين لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، نيب ذريعن موجب ٽن جوابدارن نيب کي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جي پلي بارگين جون درخواستون ڏنيون آهن، جڏهن ته، نيب خيبرپختونخوا (KP) ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 28 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ انهن   درخواستن جو جائزو ورتو ويندو، ذريعن ٻڌايو ته درخواستن ۾ بينڪ اڪائونٽ، ملڪيتون، گاڏيون، سون ۽ نقدي ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جون ڪيتريون ئي ملڪيتون پنهنجي مائٽن جي نالن تي آهن، ذريعن موجب، چيئرمين نيب کي درخواستون موڪلڻ کان پهريان سڀني قانوني گهرجن کي پورو ڪيو ويندو ۽ انهن جوابدارن ۾ نيشينل بئنڪ ڪيشيئر رياض، ڪنٽريڪٽر ايوب ۽ ممتاز شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.