ڪراچي ۾ ريسٽورنٽ ۽ پڪوان سينٽر مالڪن کان ڀتو طلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڀتي جون وارداتون وري تيز ٿي ويون، آرام باغ ۽ شاهه لطيف ٽائون ۾ ريسٽورنٽ ۽ پڪوان سينٽر مالڪن کي بين الاقوامي نمبرن تان ڀتي جون ڪالون آيون، جن ۾ وڏي رقم جو  مطالبو ۽ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، آرام باغ ۾ ريسٽورنٽ مالڪ کان 20 لک رپيا ڀتو گهرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته رقم بعد ۾ گهٽائي 3 لک ڪئي وئي ۽ پاڪستاني بينڪ اڪائونٽ نمبر فراهم ڪيو ويو، پوليس موجب، واقعو ڀتا خوري آهي يا ذاتي دشمني تي ٻڌل آهي، تحقيق مختلف رخن کان جاري آهي. شهر ۾ هاڻي تائين 5 گروپ ڀتي ۾ ملوث رهيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري پرڏيهي ملڪن تان آپريٽ ڪن ٿا، شهر ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ پڪوان سينٽر مالڪ ثناءُ الله کي 17 نومبر 2025 تي واٽس ايپ تي وائس ميسج مليو، جنهن ۾ چيو ويو ته توهان جي گهر،  وارثن ۽ سينٽر جي ريڪي ڪئي وئي آهي، اسان جي پارٽي کي فنڊ جي ضرورت آهي، شام تائين 20 لک جو انتظام ڪريو، ڪا هوشياري ڪئي ته اوهان جان وڃائي ويهندا، پوليس اڻڄالت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.