نيويارڪ (م ڊ) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت جو اعلان ڪندي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ کي فوري ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد هڪ اهم اجلاس دوران واضح ڪيو ته پاڪستان ڪنهن به فوجي مداخلت بدران ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي جنگ نه رڳو متاثر علائقي پر پوري دنيا تي تباهه ڪندڙ اثر ڇڏي رهي آهي، عاصم افتخار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي حل جو مضبوط حامي آهي، هن چيو ته روس-يوڪرين تڪرار بابت اسان کي شديد خدشا آهن، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ لکين انساني جانيون خطري ۾ آهن ۽ بنيادي ڍانچو تباهه ٿي رهيو آهي، هن عالمي قانونن جي روشني ۾ شهري آبادي ۽ انفراسٽرڪچر جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي زور ڏنو ته هن تڪرار جو ڪو به فوجي حل ممڪن ناهي، هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي جھيڙو ختم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ طرف قدم کڻڻ گهرجن، جڏهن ته سڀني ڳالهين واري ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي.