بنون ۾ امن ڪاميٽي آفيس تي دهشت گردن جو حملو، 7 شهري مارجي ويا

بنون (م ڊ) بنون جي ٿاڻي هويد جي حدن ۾ امن ڪاميٽي جي آفيس تي دهشت گردن حملو ڪري ڏنو، جتي فائرنگ سبب 7 بيگناهه شهري مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو، رپورٽ موجب بنون جي ٿاڻي  هويد جي علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو  مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو، جڏهن ته دهشت گرد فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا، انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سرچ آپريشن جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ امن ڪاميٽي جي آفيس تي دهشت گردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، قيمتي انساني جانن جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، شهباز شريف ۽ محسن نقوي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته امن جي ڪوششن کي سبوتار ڪرڻ لاءِ اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشت گردن جي پاڪستان ۾ بدامني ڦهلائڻ جي ناپاڪ ارادن کي وائکو ڪن ٿيون، اهڙيون بزدلاڻيون وارداتون ڪنهن به صورت ۾ پاڪستانين جي حوصلن کي ڪمزور نٿي ڪري سگهن ۽ ملڪ دشمن عنصرن خلاف پوري قوم متحد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.