مون کي روڪڻ يا عارضي حراست ۾ وٺڻ قبول ناهي:سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي لکيل خط ۾ پوليس طرفان باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀينرن سان مبينه بدسلوڪي ڪرڻ ۽ عمران خان سان ملاقات ۾ رڪاوٽ وجهڻ تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو آهي، گذريل ڏينهن سهيل آفريدي ستون ڀيرو اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ پهتو، پر عدالتي حڪم هئڻ باوجود کيس ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، پي ٽي آءِ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪيل خط ۾ سهيل آفريدي چيو ته هو مريم نواز جي ڌيان کي عدالت طرفان عمران خان سان مقرر ڪيل ملاقات جي حق جي انتظام ۽ سندس وارثن سان ٿيل تازي ورتاءُ بابت سنگين خدشن باهه آگاهه ڪرڻ چاهي ٿو، عدالتي حڪمن موجب عمران خان جي ويجھن مائٽن  ۽ نامزد ماڻهن کي مخصوص ڏينهن تي ملاقات جي اجازت آهي پر انهن واضح عدالتي حڪمن باوجود بار بار اهڙيون اطلاعون سامهون اچي رهيون آهن ته لاڳاپيل اختيارين انهن تي عمل نه پيا ڪن، اهي سڀ غير سياسي شهري آهن، جيڪي رڳو عدالتي اجازت موجب پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن سياسي شخصيتن لاءِ ڪا به پابندي لاڳو هجي تڏهن به ويجھن مائٽن سان ملاقات ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا بدسلوڪي ڪرڻ جو ڪو به قانوني يا انتظامي جواز نٿو بڻجي، هن وڌ ۾ وڌ چيو ته سندن رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ، کين روڪڻ يا عارضي حراست ۾ وٺڻ هرگز قابل قبول ناهي، اهڙن قدمن سان اهو تاثر ملي ٿو ته عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ جيل ۽ پوليس عملو ملاقات جي حق کي محفوظ يا آسان نٿو بڻائي،  سهيل آفريدي مريم نواز تي زور ڏنو ته ملاقات ڪندڙن لاءِ مناسب، محفوظ ۽ باوقار انتظار گاهه کي يقيني بڻايو وڃي، عمران خان هڪ اڳوڻو وزيراعظم ۽ ان سياسي جماعت جو سربراهه آهي، جنهن جي هو پاڻ نمائندگي ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.