برسلز(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو غير قانوني ۽ هڪ طرفو قدم علائقائي استحڪام لاءِ حقيقي خطرو آهي. بيلجيم جي راڄڌاني برسلز ۾ انڊو-پيسيفڪ منسٽرِيَل فورم گول ميز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار زور ڏنو ته پاڻي سهڪار جو ذريعو هجڻ گهرجي ۽ ان کي سياست لاءِ هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدت لاءِ امن حاصل نٿو ٿي سگهي جيستائين ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق نه ڪيو وڃي. هن چيو ته افغانستان پاڪستان ۽ علائقائي استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو .اسان هڪ پرامن، مستحڪم، دوست، مربوط ۽ خوشحال افغانستان چاهيون ٿا. اسان افغان طالبان حڪومت کان درخواست ڪيون ٿا ته هو ذميواري سان ڪم ڪن، پنهنجي واعدن کي پورو ڪن، ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻن.