دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي فائٽر جيٽ تيجاس ڪري تباهه، پائلٽ مارجي ويو

دبئي (م ڊ) دبئي ايئر شو جي آخري ڏينهن تي، ڀارتي هوائي فوج جو فائٽر جيٽ تيجاس هڪ ڊيمو فلائيٽ دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي ڪري شرڪت ڪندڙن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. حادثي کان پوءِ شو کي عارضي طور تي روڪيو ويو. شروعات ۾، پائلٽ جي موت بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي، پر بعد ۾ سندس موت جي تصديق ڪئي وئي. ان کان اڳ،  ايئر شو ۾ تيجاس جهاز مان تيل جي رسڻ جي هڪ وڊيو پڻ وائرل ٿي هئي. تيجاس ڀارت جو هڪ مقامي طور تي تيار ڪيل جهاز آهي جيڪو 2016 ۾ هوائي فوج ۾ شامل ڪيو ويو هو، پر اهو ڊيزائن ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هي تيجاس جو ٻيو وڏو حادثو آهي؛ پهريون واقعو 2024 ۾ ڀارت ۾ هڪ مشق دوران پيش آيو. ڀارتي هوائي فوج دبئي ايئر شو کي بدنام ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو دبئي ۾ 19 هون ايئر شو آهي ۽ اهو ان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته ڪو جهاز ڪري تباهه ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.