جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد جي صدر پوليس مبينا طور باءِ پاس تي 16 جوابدارن کي وڏي انگ ۾ هٿيارن دستي بم ۽ گولين سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي صدر پوليس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ مير حسن بليدي پرويز ڪٽوهر غلام سرور لياقت علي نورالدين ڪٽوهر شاهنواز ڏاهاڻي محمد اسحاق مورل سليمان لهر عبدالستار ڪٽوھر غلام محمد مصوري خان لياقت عمراڻي احسان علي سجاد ڏاهاڻي غلام مصطفيٰ کي جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو ته اطلاع مليو ته باءِ پاس تي هٿيارن سان گڏ ڪجهه ماڻهو موجود آهن پوليس پارٽي پهچي 16 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 12 ڪلاشنڪوف هڪ رائفل هڪ جي ٿري ٻه پسٽل ٻه دستي بم 15 سئو گوليون هٿ ڪيون ويون آهن پوليس گرفتار جوابدارن وٽان هٿ ڪيل هٿيار دستي بم ۽ گوليون ميڊيا آڏو ظاهر نه ڪيون آهن گرفتاري ٿيل جوابدارن مٿان غيرقانوني هٿيار رکڻ سميت 16 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا آهن جڏهن ته ايڏي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي کان پوءِ به ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ ٻڌايو ته ڪلاشنڪوف دستي بم يا سرڪاري هٿيار هٿ اچڻ کانپوءِ جوابدارن جو نيت معلوم ڪيو ويندو آهي اگر ڪنهن جوابدار جو ارادو سرڪاري آفيسن يا عمارتن تي حملو هجي ته انهن مٿان دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويندا آهن باقي جيڪب آباد ۾ 12 ڪلاشنڪوف ٻه دستي بم سميت هزارين گوليون هٿ آيون ان تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرڻ جو جواز ناهي هن چيو ته پوليس ڪنهن به جوابدار کي رليف فراهم نه ڪيو ويو قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.