اسلام آباد (بيورو) ضابطا اخلاق جي ڀڃڪِي تي نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته راڻا ثناءُ الله پي پي 116 ۾ راڻا شهريار جي ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته راڻا ثناءُ الله ڊي آر او جي سامهون پيش ٿئي، ٻئي پاسي اين اي-96 فيصل آباد ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن مملڪتي وزير طلال چوڌري کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن طلال چوڌري کي 24 نومبر تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو، چونڊ تڪ مان طلال چوڌري جي ڀاءُ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار بلال چوڌري کي پڻ نوٽيس جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر جي رپورٽ جي بنياد تي نوٽيس جاري ڪيو، مانيٽرنگ آفيسر ڪارنر ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ تي مملڪتي وزير ۽ اميدوار تي 50 هزار رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن موجب مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چونڊ مهم ۾ شرڪت ڪرڻ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي،بلال چوڌري کي ڏنڊ ادا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو.