مالي ورڇ ۽ صوبن جي حصيداري جي مسئلن تي بحث لاءِ 4 ڊسمبر تي اجلاس طلب

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) مالي ورڇ ۽ صوبن جي حصيداري جي مسئلن تي بحث لاءِ 4 ڊسمبر تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اها اڳڀرائي وزيراعظم جي سنڌ جي دوري ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ سامهون آئي آهي. ان ڏس ۾ صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري ولاگ ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اين ايف سي، 18هين ترميم، 12 صوبن تي گهڻو بحث هلي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جڏهن صوبن جي ڳالهه شروع ڪئي آهي ته ان پٺيان 27هين آئيني ترميم سمجهي پئي وڃي. اهو سمجهيو پيو وڃي ته ڪٿي ان کي بارگيننگ لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو؟ اهو به سمجهيو پيو وڃي پيپلزپارٽي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پيغام ڏنو پيو وڃي ته اين ايف سي ۽ مالي وسيلن تي سوديبازي ڪريو ٻي صورت ۾ ايم ڪيو ايم اسان سان گڏ آهي.  ايم ڪيو ايم هڪ پاسي مهاجر ڪارڊ جو نعرو هڻندي، ٻئي پاسي سنڌ جون ٻيون سياسي پارٽيون وڌيڪ صوبن جي مخالفت ۾ سامهون اينديون.  سنڌ ۾ ڊگهي وقت کانپوءِ هن وقت هم آهنگي جو ماحول آهي.  هن وقت سنڌ ۾ پرسڪون ماحول آهي. ڊگهي وقت کان ڪوشش ٿي رهي آهي ته ڪراچي ۾ مسئلا پيدا ٿين. قوميت جي بنياد تي ورڇ کي جيئرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اهو سڀ ڪراچي کي چنبي ۾ رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو پيو وڃي. هاڻي وٽن اين ايف سي جو موقعو آهي، ان لاءِ 2 کان 3 وزارتون ملڻ جو امڪان آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ اختيار وفاق کي ڏنا ويندا. اهو ئي سبب آهي جو صوبن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پر ان جو نتيجو نفرتون ۽ تعصب پيدا ڪري سگهي ٿو. انتظامي يونٽن جي ڳالهه اصل ۾ صوبن کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه آهي، اهو ون يونٽ جهڙو آهي، سڀ ڪجهه وفاق جي هٿ ۾ هوندو. مضبوط مرڪز وفاق کي ڪمزور ڪندو آهي، مضبوط صوبا وفاق کي مضبوط ڪندا آهن. صوبن کي ختم ڪرڻ سان ملڪ مخالف تحريڪون زور وٺي سگهن ٿيون. ٻئي پاسي صحافي ۽ تجزئي نگار عبدالقيوم صديقي جي ولاگ ۾ ذوالفقار گراماڻي جو چوڻ آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان 4 ڊسمبر تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مالي ورڇ ۽ صوبن جي حصيداري جا مسئلا بحث هيٺ ايندا. اهو اجلاس پهريان 18 نومبر تي طلب ڪيو ويو هو پر وچ ۾ 27هين ترميم اچي وئي. پيپلزپارٽي پاران صوبن جو حصو گهٽائڻ وارين ڳالهين جي مخالفت ڪئي وئي هئي. وزيراعظم چيو هو ته اسان اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي ويهي ڳالهائينداسين. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي وزيراعظم سان ملاقات به ٿي.  اهو معاملو اين ايف سي ايوارڊ جو آهي. اهو معاملو سنڌ سان لاڳاپيل آهي، هي هڪ فائنانشل جهيڙو آهي، 18هين ترميم ۾ اوهان صوبن جو حصو وڌائي سگهو ٿا، گهٽائي نٿا سگهو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم سنڌ جو دورو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.