گرين لائن بس منصوبو: ميئر ڪراچي ۽ وفاقي حڪومت ۾ معاملا طئي

ڪراچي (رپورٽر) گرين لائن بس منصوبو ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ  وهاب ۽ وفاقي حڪومت جي ترجمان ۽ پي آءِ ڊي سي ايل جي وفد جي ملاقات ۾ گرين لائن بس منصوبو تي معاملا طئي ٿي ويا، ميئر ڪراچي  هدايت ڏني ته منصوبو شروع ڪري بروقت مڪمل  ڪيو وڃي، پي آءِ ڊي سي ايل ضمانت ڏني ته هڪ سال اندر ڪم مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي ۾ 1.8 ڪلوميٽر ٽريڪ تي ٽن بس اسٽيشنن جي تعمير شامل آهي، ڪم نمائش چورنگي کان ميونسپل پارڪ جامعه ڪلاٿ تائين ٿيندو، ذريعن موجب منصوبو 6 سال جي التوا کان پوءِ ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي ۽ موجوده حڪومت ڪم بحال ڪرائي ڇڏيو، منصوبو پهريون ڀيرو 2016 ۾ شروع ٿيو، پر مڪمل ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.