ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ شوگر ملن جي پاران سبڊي نه ڏيڻ جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين جي موقف کان پوءِ 16 درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته ٽريڊ ڊيولپمنٽ اٿارٽي 2013ع ۾ شوگر ملن جي سبسڊي ڏيڻ کان روڪيو هو، ٽڊاب کي شوگر ملن کي تقريبا 850ملين جي سبسڊي اداڪرڻ پئي وئي، ٽڊاپ جي وڪيل چيو ته صعنت ۽ تجارت جي ورزات ٽڊاپ کي سبسڊي ڏيڻ کان روڪيو هو .سبسڊي جي لاءِ ناڻي واري کاتي جي فنڊنگ درڪار آهي، ناڻي واري کاتي جواب جمع ڪراڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي.