اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ جنرل فيض حميد جي ڪيس ۾ حتمي فيصلو اڃا تائين جاري نه ٿيو آهي، سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ ڏهه سال قيد جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. حتمي فيصلو نومبر جي آخر تائين ٿي سگهي ٿو. معاملي جي اندر طاقت جي مرڪزن ۾ بحث ٻن بنيادي سزائن جي تي آهي. هڪ پاسي 10 کان 14 سال قيد جي روايتي سزا ٻئي پاسي انتهائي سنگين سزا يعني موت جي سزا، جنهن جو مقصد مستقبل ۾ رياستي ادارن جي طاقتور فردن خلاف هڪ واضح ۽ سبق ڏيندڙ مثال قائم ڪرڻ آهي. جنرل حميد تي ڪيترائي ڳنڀير الزام آهن جن ۾ موجوده فوجي قيادت خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي سازش، جنهن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير کي جسماني نقصان پهچڻ جو امڪان شامل هو، آءِ ايس آءِ مان حساس قومي سيڪيورٽي ڊيٽا جي چوري، وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ غير قانوني اثاثن جي واپسي، ۽ فوجي اداري جي اندر هڪ متوازي هٿياربند ڌڙو ٺاهڻ شامل آهي. واٽس ايپ گروپن ۾ گردش ڪندڙ غلط رپورٽ کي هڪ ٽرائل بيلون قرار ڏنو ويو ته جيئن عوامي ردعمل جو جائزو ورتو وڃي، جنهن جو نتيجو گهڻو ڪري غير سنجيده رهيو ۽ اهو عنصر هاڻي حتمي فيصلو ڪندڙن لاءِ هڪ اهم فئڪٽر آهي. جنرل حميد آگسٽ 2024 ۾ ٽاپ سٽي ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ٿيو، جتي مٿس هڪ ارب رپين جي هائوسنگ سوسائٽي تي غيرقانوني قبضي جي ڪوشش جو الزام هو، بهرحال جاچ ۽ بعد ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڳنڀير الزامن جي هڪ ڊگهي فهرست سامهون آندي. الزامن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ غيرقانوني دولت حاصل ڪرڻ شامل آهي، جنهن ۾ سون، هيرا، ملڪيتون، واپاري پلازا، بنگلا، روڪ رقم ۽ مختلف اڻڄاتل بئنڪ اڪائونٽ شامل آهن. حساس قومي سيڪيورٽي ڊيٽا جي چوري ۾ ڪيترائي ٽيرا بائيٽ ڊيٽا، ڳجهن ايجنٽن جي سڃاڻپ ۽ بليڪ ميلنگ مواد شامل آهي. بغاوت جي الزامن ۾ فوجي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي ۽ موجوده فوجي قيادت خلاف بغاوت ڀڙڪائڻ جي ڪوشش شامل آهي، وڌيڪ، جنرل حميد تي هڪ متوازي هٿياربند ڌڙو ٺاهڻ جو الزام آهي، جنهن ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي ۽ آءِ ايس آءِ جي اهم ڪمانڊ شخصيتون شامل هيون، ۽ اهو ڌڙو انهن کي هڪ نجي فوجي قوت طور ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيو هو. فيصلا ڪندڙ حلقن ۾ ٻه بنيادي نقطه نظر سامهون آيا آهن: هڪ طرف روايتي سزا، يعني 10 کان 14 سال قيد سان گڏ سڀني رئنڪ ۽ اثاثن جي ضبطگي، جنهن کي ڪجهه اڳواڻ سطح تي ناڪافي ۽ بي اثر تصور ڪيو پيو وڃي ڇو ته قانوني اپيلن کان پوءِ سزا گهٽجي سگهي ٿي ۽ ٻاهريان اثاثا آجا رهندا، ۽ ٻئي طرف سخت سزا، يعني موت جي سزا، جنهن کي رڳو ڳنڀيرتا کي ڏسندي هڪ ناقابل فراموش مثال طور ڏٺو پيو وڃي ته جيئن فوج ۾ اندرئين احتساب جو مضبوط پيغام ڏنو وڃي ۽ بعد ۾ سياست، عدليا ۽ ميڊيا ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو رستو هموار ٿئي. موت جي سزا فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي ڏني ويندي ۽ شهري عدليا جي عمل کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو موقعو هوندو، جيڪو عدليا لاءِ هڪ اهم امتحان هوندو ته هو طاقتور جنرل خلاف فيصلي ۾ پنهنجي آزادي ۽ اصول پسندي ثابت ڪري سگهي. حتمي فيصلو هن لحاظ کان به اهميت رکي ٿو ته 27 نومبر تي فوجي ڪمانڊ ۾ اهم تبديليون ڪيون وينديون، جنهن ۾ ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن جي رٽائرمنٽ، نيون ترقيون ۽ مقرريون شامل آهن، ۽ نئون عهدو چيـف آف ڊيـفنس فورسز جو باقاعدي قيام عمل ۾ ايندو. فيلڊ مارشل عاصم منير پنج سالن جي مدت لاءِ پهريون چيـف آف ڊيـفنس فورسز مقرر ٿيندو ۽ ان عهدن جي حلف برداري کان پوءِ جنرل حميد جي ڪيس جو حتمي فيصلو انهن جي زيرِ قيادت ڪيو ويندو، جيڪو پوري ڪيس جي آئيني ۽ سيڪيورٽي اثرن کي طئي ڪندو.