ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتو صوبي ۾ بهتر سفري سهولتن لاءِ لڳاتار ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شهرين کي جلد ئي وڌيڪ خوشخبري ملندي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ، سنڌ حڪومت پنڪ بس سروس جو دائرو وڌايو آهي. پنڪ بي آر ٽي بسون نمائش کان سرجاني تائين شروع ٿي ويون آهن ۽ جلد ئي ايڌي اورنج لائن بي آر ٽي ۽ گرين لائن ۾ به پنڪ بسون هلنديون. وزيراعظم، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي به پنهنجن صوبن ۾ عورتن لاءِ اهڙيون بسون شروع ڪرڻ گهرجن. گرين لائن بي آر ٽي روٽ تي عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس جي شروعات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ماضي ۾ خاندانن کي سياست ۾ نه گهليو ويندو هو ۽ ڪٽنب جي ماڻهن تي سياسي تنقيد مناسب نه هئي، فريال ٽالپر کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو سڀني پارٽين جون عورتون عزت جي لائق آهن. هن چيو ته آئيني ترميم ذريعي برابري ۽ يڪجهتي کي مضبوط ڪيو ويو آهي. هن ترميم تي تنقيد مناسب ناهي ڇو ته وڏين بار ايسوسيئيشن ان جي حمايت ڪئي آهي.