لاهور(امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري تي ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن؟28هين ترميم پ پ لاءِ امتحان بڻجي وئي،خبر موجب 28 هين ترميم سان لاڳاپيل جيڪي خبرون ٻاهر اچي رهيون آهن، نهن کي ڏسندي واضح آهي ته ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي سياست لاءِ ڪيئن هوندا، ۽ خاص طور تي ايندڙ سال 2026 ۾ پيپلزپارٽي ،صدر آصف علي زرداري ۽لاول ڀٽو زرداري لاءِ ڇا صورتحال هوندي.اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته اين ايف سي ايورڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، ۽ هو انهيءَ مان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن پهريون ڪوشش ناڪام ٿئي ٿي، ته ٻي ڪوشش ڪئي ويندي.ان حوالي سان آچر تي هڪ وڏو فيصلو ٿيڻ وارو آهي، جنهن کان پوءِ پيپلزپارٽي جي حيثيت ۽ صدر زرداري جي طاقت جي خبر پئجي ويندي. پنجاب ۾ 13 تڪن ۾ قومي ۽ صوبي جي اسيمبلي لاءِ چونڊون ٿينديون، جن مان 6 قومي اسيمبلي جا تڪ آهن.ديره غازي خان ۾ پيپلزپارٽي مضبوط پوزيشن ۾ آهي، مقابلو ن ليگ سان آهي. لاھور اين اي 129 تي ، پي ٽي آءِ حصو نه وٺي رهي، ڪجهه آزاد اميدوار مقابلو ڪري رهيا آهن.مجموعي طور، جيڪڏهن مسلم ليگ (قانون) 6 کان 5 تڪ کٽي ٿي، ته پيپلزپارٽي جي اهميت وفاقي سطح تي گهٽجي ويندي.بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت اعلان ڪري چڪي آهي ته ايندڙ ترميمن جي دوران وفاقي حقن تي سمجھوتو نه ڪيو ويندو.صدر زرداري کي خاص استثنيٰ حاصل آهي، جنهن کان پوءِ هو پاڻ کي تحفظ ۾ محسوس ڪري ٿو، پر ايندڙ ڪوششون کيس تنگ ڪري سگهن ٿيون.پيپلزپارٽي جي اڳوڻي تجربن ۽ مارشل قانون دوران جيل، حڪومت جي خاتمي ۽ سياسي دٻاءُ جو تجربو صدر زرداري کي خبر آهي ته ڪنهن به وقت صورتحال سخت ٿي سگهي ٿي.ايندڙ 28هين ترميم سان وفاقي اختيارن کي وڌائڻ ۽ صوبن جي حصي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن سبب پيپلزپارٽي لاءِ سياسي ۽ انتظامي چئلينج پيدا ٿي سگهي ٿو.جيڪڏهن ڪو مفاهمت نه ٿئي يا ڪنهن نقطي تي اتفاق نه ٿئي، ته صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري لاءِ مشڪل ڏينهن اچڻ وارا آهن.ياد رهي ته ڪئنال ته مريم نواز جي حڪومت جو پراجيڪٽ نه هو،اصل رٿا ته ”طاقتورن“ جي آهي،سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف تحريڪ تي به طاقتورن جي ڪاوڙ برقرار آهي،ان کان اڳ سهيل وڙائچ پنهنجي آرٽيڪل ۾ چيو هو ته صدر زرداري کي بار سمجهيو پيو وڃي،سينئر صحافي اعزاز سيد به خبر ڏني هئي ته فيلڊ مارشل پاڻ صدر بڻجڻ چاهي ٿو پوءِ 27هين ترميم اچي وئي،27هين ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي جو جيڪو تحفظ هو اهو ختم ڪيو ويو آهي،تعليم ۽ پاپوليشن جون وزارتون صوبن کان واپس وٺي وفاق حوالي ڪرڻ جي ترميم جي پ پ مخالفت ڪئي هئي، جڏهن ته 27هين ترميم جي منظوري وقت بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ بيهي تقرير ۾ چيو هو ته ارڙهين ترميم ڪنهن جو پيءُ به ختم نٿو ڪري سگهي،جنهن تي فواد چوڌري هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ چيو هو ته ارڙهين ترميم جو خاتمو ڪنهن جو پيءُ به روڪي نٿو سگهي،هاڻي چيو پيو وڃي ته جون جولاءِ ۾ ارڙهين ترميم بابت مڪمل پئڪيج اچي سگهي ٿو،پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هڪ صفحي تي رهڻ وارو تاثر ختم ٿئي ٿو يا برقرار رهي ٿو اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي پيغام پهچايو ويو آهي ته پهريون ڀيرو اوھان کي فيس سيونگ به ڏني وئي آهي، پر جيڪڏهن اوهان هن ڀيري (28هين ترميم جي وقت) ڪا رڪاوٽ وڌي، ته اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته جنهن صاحب پيغام ڏنو، ان سان ڪنهن اڳتي ڳالهه ڪئي، ته ٿوري سخت لهجي ۾ ڳالهه ٿي رهي هئي،هن چيو ته انهن(پ پ) کي اهو به ٻڌايو ويو ته صدر جي استثنيٰ جي حوالي سان اهو نه سمجھو ته ٻين ماڻهن کي پڻ استثنيٰ ملي آهي؛ اها استثنيٰ سندن ترجيح ناهي،ان شخصيت چيو ته جيڪڏهن صدر جي استثنيٰ آئيني عدالت ۾ چيلينج ٿي وئي، ته فيصلو اوھان جي خلاف پڻ اچي سگهي ٿو،هونئن به استثنيٰ آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي آهي،اهو آرٽيڪل چوي ٿو ته قانون ۾ سڀ برابر آهن.