سنڌ ۾ ڊينگي جا 641 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ روزاني رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 70 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ⁠تہ خانگي اسپتالن ۾ 80 نوان مريض رپورٽ ٿيا، جنهن بعد صوبي ۾ ڊينگي جي ڪُل داخل ٿيل مريضن جو انگ 155 ٿي ويو آهي۔ وڌيڪ تفصيل موجب ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 27 نوان مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ⁠تہ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 25 نوان مريض سامهون آيا۔ سرڪاري اسپتالن مان 82 مريض صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويا، جڏهن ⁠تہ خانگي اسپتالن ۾ 53 مريض صحتياب ٿيا۔ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ 4620 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 641 ماڻهن جا ٽيسٽ مثبت آيا،گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڊينگي سبب ڪنهن به فوتگي جو اطلاع موصول ناهي ٿيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.