جاگيردارن ۽ مافيا جو ظالماڻو نظام برداشت نه ڪنداسين:حافظ نعيم الرحمان

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 78 سالن کان ظلم ۽ جبر جي نظام عوام کي رليف ڏيڻ بدران عوام جي امنگن کي ماري ڇڏيو آهي. عدالتون انصاف فراهم نه ٿيون ڪري سگهن ۽ نه ئي ادارا ڪنهن ڪم جا رھيا آھن عوام بنيادي حقن ۽ سهولتن کان محروم آهي، ڪنهن کي به انهن جي ڀلائي جي پرواهه ناهي. 26 هين ۽ 27 هين ترميم ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. جماعت اسلامي عوام کي جاگيردارن،۽ مافيا جي رحم ڪرم تي نٿي ڇڏي سگهي،هن چيو ته جماعت اسلامي جي عوامي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا مينار پاڪستان لاهور پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. لکين ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم ۽ نائب امير ۽ ناظم اجتماع لياقت بلوچ سان گڏ مينار پاڪستان اجتماعگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماڻهو هن وقت سخت مايوسي ۽ پريشاني ۾ آهن. انهن کي ڪنهن به پاسي کان اميد جو ڪو  ڏيئو نظر نٿو اچي،هن چيو ته پاڪستان نه ڪنهن جنرل جو آهي نه ڪنهن سياستدان جو،اهو اسان سڀني جو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.